تصويرون ڪڏهن ڪڏهن ڪتابن کان وڌيڪ ڳالهائين ٿيون هي تصوير به هڪ بي آواز تاريخ آهي، جيڪا دلين تي لکجي ٿي، ذهنن تي نه۔
سامهون ويٺل شخص، جونئير ذوالفقار ڀٽو، رڳو هڪ سياسي وارث نه، بلڪه سنڌ جي دل، سچائي ۽ ساڃاهه جو عڪس آهي۔
نه تخت جو طلبگار، نه شهرت جو متوالي، بس انهن اکين ۾ خلوص، انهن هٿن ۾ لوچ، ۽ انهن لبن تي بي صدا وفا جو پيغام آهي۔
جيڪڏهن تقدير جو پتو ناهي، ته دل جي روشني جو پيغام آهي، سچ جو حڪم فقط محبت آهي، باقي سڀ ڪجهه محض سوال آهي۔
سندس نگاهن ۾ سياست نه، پر احساس آهي۔ سندس ويهڪ ڪنهن ڪچي ويهڙي جيان سادي ضرور آهي، پر ان سادگيءَ ۾ هزارين دلين جي ڌڙڪن سمايل آهي۔
جتي دنيا اقتدار جي خواهش ۾ اجايو شور مچائي ٿي، اتي هو ماٺيءَ سان ماڻهن جا درد ٻڌي ٿو۔
هو نه واعدا ڪري ٿو، نه تماشا رچائي ٿو، بس بي ساختي سچ سان ويهي ٿو، جيئن هڪ ساٿي، هڪ شهري، هڪ سچو وارث.
جيڪڏهن نفرت جو بنياد رڳو نالو، نسل يا نسب بڻجي وڃي، ته پوءِ تاريخ مان روشني ختم ٿي وڃي ٿي۔ نفرت جو حقدار صرف بدڪردار ٿيندو آهي، نه ته نالي جي بنياد تي ته ڪربلا جا واقعا به تضاد بڻجي وڃن.
اسان ظالم کي سندس ظلم تي پرکون ٿا، سندس نالي يا نسب تي نه،
محبت جي راهن ۾، رستو ڳولڻ ڪا ڳالهه ناهي، جيڪي پاڻ کي گم ڪري ڇڏين ٿا، اهي ئي منزل تائين پهچندا آهن ۽ جونئير ذوالفقار ڀٽو، انهيءَ احساس جو تازو مثال آهي، جيڪو گمنام چهرن سان ويهي ٿو، ته جيئن سندن آواز بڻجي سگهي۔
جيڪي ٿيو ويساهه جا ويرا، سي ئي رب جا پيارا،
تختن تان نه، تن جي دلين تان ٿيندي حڪمراني سارا
سنڌ جي ڌرتيءَ کي اڄ به انهن ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي بي ساختا، بي نيازي سان عوام ۾ رهي سگهن۔ جن جي ماٺي حڪمت هجي، جن جو وجود اميد هجي، ۽ جن جي سادگي سياست کان بلند هجي۔
1 تبصرے
1 day ago
ڀڳوانداس سنڌي
ھڪ ناچو ڇوڪري
تحرير
ليکڪ ڀڳوانداس سنڌي ڊينــگـاڻ ڀرڳڙي
ڳالهه ڪجھ ھن ريت آھي ته ائون اڪثر ميلن محفلون ناچ کان الڳ رھندو آھيان برحال سندس منهنجي ڳوٺ لڳ ميلو لڳندو آھي جنهن ۾ شام جو ٽائيم ملاکڙو ٿيندو آھي
دوست جي گهڻو زور پوڻ ڪري شام جو ميلو لا۽ نڪتاسين ملاکڙو وڃي ڏٺيس
شام جو ڳوٺ جا ماڻھون ڪو ڪٿان پيو سلام ڪري ڪو ڪٿان پيو سلام ڪري نيٺ وڃي ھڪ ھوٽل تي ويٺاسين
دوست اڪاش اچي خبر ڪئي سنڌ جي سيريلي راڳي صنم ماروي جو پوسٽر لڳل آھي لڳ ٿو رات محفل ٿيندي صنم ماروي ھڪ بھترين راڳي آھي! مون چيو ٺيڪ آھي رات جو محفل ۾ ٻڌابو
نيٺ رات جو محفل شروع ٿئي جنهن وڃي ٽڪيٽ ڏئي اندر وياسين ته صنم ڪونهي ھئي ننڍي گائڻي ھئي موکي ڪاور ته گھڻي ائي پر سنگت مجبور ڪيو
اڪاش وڃي فرمائش ڪئي منهنجي پسند گاني جي
" من لاگا ميرا يار فقيري "
گائڪ بھترين راڳ سان نڀايو
دوستن اچي ناچ ڪيو تيسن ھن جون گڏ ايل ڇوڪرين ڇم ڇم ڪندي اچي ناچ شروع ڪيو پو۽ ميلي جي اڳواڻ کان وٺي اسان جي پويان ويٺل سنگت به ناچ ڪندر کي جي مٿان پئسن جي برسات ڪرڻ شروع ڪئي دوست اڪاش به گڏ پئسا اڏائڻ شروع ٿئي چڪو ھو نيٺ محفل مزو ڏنو ٽائيم جي خبر نه پئي اچي رات جا پوڻا ٽي ٿيا ماڻھون جو حجام ختم ٿيو محفل آخري مرحلي ۾ ھئي راڻا ھو راڻا راڳ شروع ڪيو ناچ ڪندر ڇوڪري سندس پنهنجي موبائيل ھٿ ۾ ساڻ ڪري اچي دوست کي اشارو ڪيو ائون ھلا ٿئي اوھان پويان اچو
دوست ڪافي ٿڪجي چڪا ھئا جيڪو سو اٿڻ ۾ دير ائين ڪونه ڪئي ناچو ڇوڪري آڳيان اسان پويان ڇم ڇم جو آواز اچي ھڪ سنسان جگھ تي پوتاسين توھان منهنجي ڏانس پسند ائي دوست شرمائيدي ھا ھا ڪئي ناچو چيو ائون اڪثر ميلن ۾ ناچ ڪندي آھيان
منهنجي نالو علينه آھي بابا جي فوت ٿئي وئي آھي شروع ۾ امان سان گڏ ايندي ھئس امان ھاڻي بيماري رھي ٿي
گھر ۾ ڪو ڪمائڻ وارو ڪونهي گھر ۾ ائون اڪيلي آھيان ناچ ڪندي آھيان ڪجهه ڏينهن اڳتي ٿئي ويندا آھن
دوست کان گھڻو مونکي ھن تي رحم ايو مون علينه سان معزرت ڪئي ڇو ته ائون ناچ ڪندر يا ميلن ۾ ھلندر ڇوڪرين کي ٻئي نظر سان ڏسندو ھئيس اصل اسان ڏسون پيا ھي ماحول تڏھن دوست کي چيو علينه کان نمبر ته وٺي جنهن ٻيھر ملاقات ٿئي سگهي
علينه کي منهنجي دوست اھڙو ڪو پسند آيو جيڪو بس چاھيان مون وٽ ھي ائي فون موبائيل آھي ھي سوني چين ھي ڇير سڀ تونکي ڏيا ٿي مونکي ھن زليل سماج مان ٻاھر ڪڍ پليز پليز ھٿ ٻڌي وئي رھي مون سندس علينه کي مٿي تي ھٿ رکي چيو ڀيڻ مٿي اٿي مان توسان گڏ آھيان
دوست کي چيو ھل ھوٽل تي ھلو ٿا دوست ائون علينه اچي ھوٽل تي ويٺاسين مون علينه کان پچيو ماني کائيندو يا بسڪيٽ چانھي ڇا ؟
دوست چيو فجر جو ٽائيم ٿيڻ وارو آھي چانھي پئي نڪريون ٿا علينه چيو ته مون کي ڪالون اچن پيو جيڪا اسان جي ٺيڪدار آھي انھي جون جيڪو مونکي وٺي ائي آھي چانھي بسڪيٽ سان گڏ علينه کان موڪلائي اچي گاڏي ۾ ويٺاسين
گاڏي کي گھمائي اچي گھر نڪاسين
خير اچي گھر موبائيل ۾ ٽائيم ڏٺو صبح جا ڇھ ٿيا ھجن سندس لڪي اچي پنهنجي ڪمري ۾ گيٽ اندرا بند ڪيو
بيڊ تي اچي پاسا واريا ننڊ ڪٿان اچي خير ٿيو موبائيل ۾ لڳي ويس
امان اچي گيٽ تي آواز ڏنو ابا اٿي جلدي ناستو ڪري وٺ مارڪيٽ وڃڻو آھي
اڪاش کي ڪال ڪئي ڪٿي آھي توسان ملڻو آھي چيو يار بابا افيس تي وڃي پيو مون وٽ بائيڪ ڪونهي مون چيو ٺيڪ آھي آئون اچان ٿو ٿورو مارڪيٽ ۾ ڪم آھي انھي بعد
ڪم ڪار مان فاريڪ ٿي اچي اڪاش سان ملاقات ڪئي آڪاش کي چيو ھاڻي شام جو ميلي جي آخري دمال آھي ڪئين ڪيو
اڪاش چيو ھلنداسين
شام جو چار ٿيا اڪاش ائون نڪري وياسين ميلي ڏانهن روانگي اڪاش کي چيو تونکي ڇا ٿو لڳي علينه سچي آھي چيائين ٿئي سگھي ٿو ھو مجبور ھجي سچي ھجي جنهن وڃي ميلي ۾ داخل ٿياسين رات وارا خيال دماغ ۾ گھمڻ شروع ٿيو آڪاش کي چيو تون وچن ڪر ته علينه کي مايوس ته نه ڪندي چيائينس ته نه يار ھو مجبور آھي ڪيئن ھن کي مايوس ڪيان
نيٺ اچي شام ٿئي محفل واري پاسي ماڻھون جو اچ وڃ ڏٺيسن آڪاش ٽڪيٽ وٺي ايو جنهن اندر محفل واري حال ۾ داخل ٿياسين ته علينه اڄ ته سفا ڪو اخري پئي لڳي اسان کي ڏسي خوشي ۾ چري ٿي سلام ڪيان
آڪاش سندس چيو علينه توسان اڪيلي ۾ ڳالهه ڪرڻي آھي مونکي اھو جڳهه ڇڏڻي پئي مون اڪاش کي چيو جلدي ڳالهه ڪر جنهن پاڻ سڀنن مان مايوسي ختم ٿئي
اڪاش جي ڳالهه ٻولھ ٿئي سمن سرڪار جي ميلي تائين موڪل ورتي مان ڪجهه پئسا گڏ ڪري وٺا پو۽ توسان شادي ڪندوس
آڪاش خوشي مان سندس ٽھڪ ڏيندي اچي مون کي ڀاڪر ۾ ڀري مبارڪون ڏيڻ لڳو ته عالينه ۽ مان اخري فيصلو ڪيو آھي اسان شادي ٿا ڪيو
دوستو ناچ ڪندر ڇوڪري مجبوري ۾ ناچ ڪندي ھئي اڪاش کان علينه جي شادي ٿئي ٻئي خوشي خوشي پنهنجي زندگي جيئڻ لڳا
1 تبصرے
ڀڳوانداس سنڌي