ملير (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد فيز ون ۾ اديبن جو اظهار، عشق جي گهاڻي مان نڪري شاعري ڪري سگهبي آهي: اشرف ڪلهوڙو تفصيل موجب شاعري اظهار جو طاقتور ذريعو آهي. شاعري اسان جي وجود ۾ هوندي آهي، شاعري اسان جو ست ۽ اسانجي طاقت آهي اهڙن خيالن جو اظهار نامياري دانشور، شاعر ۽ نقاد سليم العارف غوث پيرزادي جي غزل ۽ اشرف ڪلهوڙي جي گيت تي سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد فيز ون جي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ صدارتي راءِ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته شاعر ڀلي اداسيءَ کي ڪهڙي به صورت ۾ ڏٺو هجي پر ان وٽ اداسيءَ جو تخمينو پنهنجو آهي جڏهن ته ٻڌندڙ وٽ ان کي ڏسڻ لاءِ پنهنجو ماڻ آهي ۽ هر ٻڌندڙ ان کي پنهنجي طريقي سان ڏسي ٿو. اهو نه ٿو چئي سگهجي ته شاعر اداسيءَ کي محبوب جي پنبڻين ۾ ڏٺو آهي يا اکين جي گهرائيءَ ۾ ڏٺو آهي. پر اداسي سان گڏ غزل جي اندر هڪ وياڪل ڪيفيت نظر آئي . هن چيو ته غزل جو مٿيون ٿلهه هن غزل جو ساهه آهي. ان ۾ هڪ روشني ڀريل آهي. جڏهن شاعر چنڊ جي تشبيهه ڪتب آڻي رهيو آهي ته هو سنڌ جي کي بيان ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اشرف ڪلهوڙي جي شاعري ڀلي آهي هن ۾ برجستائي جو رنگ آهي هن جي گيت ۾ سچائي جو اظهار آهي. غوث پيرزادي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن توهان ڪنهن سان پيار ڪندا آهيو ۽ ڪنهن جو پيار ماڻي رهيا هوندا آهيو ته اهو پيار اوهان جي ڳلن مان ٽمندي نظربه ايندو آهي. هن چيو ته تشبيهون ۽ استعارا شاعري کي حسين بڻائيندا آهن پر انهن ۾ به نت نين تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال هڪ جاکوڙ کان گهٽ ناهي ان لاءِ اوهان کي تخليق جي عمل دوران پنهنجي جوهر ۾ گهرائي تا.ئين وڃڻ جي ضروت هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو اسان جي بي لوث محبتن جو بار نه کڻي سگهندا آهن ۽ هو اسان جي خلوص جو کلواڙ ڪرڻ کان به نه لنوائيندا آهن، محبتن جو وزن کڻڻ سچ به اوکو رهيو آهي. نوجوان نقاد مجيب بگٽي هن موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته غزل کي تز قافيو وڌيڪ حسناڪ بڻائيندو آهي. هن چيو ته غوث جي غزلن جي حسناڪي لاجواب هوندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي شاعر اهڙا به هوندا آهن جيڪي شاعري به ڪندا آهن ته ان کي جهونگاريندا به آهن ته ان جي ڌن به پاڻ ترتيب ڏيندا آهن ۽ اشرف ڪلهوڙو اهڙن شاعر مان هڪ آهي. هن جي لفظن ۾ هڪ عجيب قسم جي ڪشش آهي. نوجوان نقاد ۽ دانشور ولي ناريجي چيو ته شيخ اياز کي پڙهڻ کانپوءِ جيڪا ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ان کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، ولي ناريجي اهو پڻ چيو ته شاعر ماڻهو جي اندر ۾ هڪ اٿل پٿل پيدا ڪندي آهي. هن چيو ته مان ماڻهن سان وڙهي پوندو آهيان ته غوث تمام سٺو شاعر آهي پراون کيس پٺي ۾ ڇرو هنيو آهي ته پنهنجن وري کيس سيني ۾ ڇرو هنيو آهي. هر جينيس ماڻهو کي هن سماج ۾ ڀوڳنائون پلئه پونديون آهي هن سماج ۾ سگهه ئي ناهي ته اها هڪ ذهين ماڻهو جو ٻوجهه پنهنجي ڪلهن تي کڻي سگهي. شاعر جو ڪمال هوندو آهي ته هو پڙهندڙ کي سٺيون شيون پڙهڻ لاءِ ڏئي. هر شاعر جو تخيل پنهنجو هوندو آهي، هر ماڻهو فطرت پسند هوندو آهي پر شاعر فطرت سان پيار ڪندڙ هوندو آهي. ولي ناريجي چيو ته جيڪڏهن شاعري نه هجي ها بربريت ماڻهن کي ماري تباهه ڪري ڇڏي ها. هن چيو ته جڏهن لينن گراڊ تي حملو ڪيو ويو ته تصويرن کي باهيون ڏنيو ويون. هن چيو ته جيڪڏهن تخليق نه هجي ها ته دنيا ۾ پيار نه هجي ها. هن چيو ته مونکي غوث جو نثر به وڻندو آهي ۽ شاعري ۾ به هو نوان خيال ۽ اڌما ڏيندو آهي. هن چيو ته اشرف وٽ پيش ڪرڻ جو ڏانءُ لاجواب آهي. سينيئر سياسي دانشور ۽ نقاد عبدالقادر سومري چيو ته شاعري درد ۾ نسري نروار ٿيندي آهي ۽ غوث جي شاعري درد سان ڀرپور آهي.هن جي شاعري ۾ جدائي اسان کي جابجا ملي ٿي. هن جي شاعري ٻڌائي ٿي ته هن جواني ۾ ڀرپور عشق ڪيو آهي چوٽ به ڀرپور کاڌي اٿائين. هن چيو ته شاعري اسان جي درد جو اظهار آهي. قادر سومري اشرف ڪلهوڙي جي گيت تي ڳالهائيندي چيو ته اشرف جو گيت وقت ۽ حالتن جو نئون اظهار آهي ۽ سنڌ سان ٿيندڙ لقاون جو اظهار آهي. اشرف ڪلهوڙي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته غوث جي شاعري ڪمال جي آهي هي تعريف جو حقدار آهي هن جي اندر ۾ عشق جو آڙاهه آهي. هن چيو ته عشق جي گهاڻي مان نڪري ئي ماڻهو شاعر ٿي سگهندو آهي. غوث پيرزادو شاعري ۾ پنهنجي باهه ڪڍي ٿو.
0 تبصرے