صدف… تون ڇو قتل ٿي وئين؟

ڊاڪٽر نساء رائيساني

صدف… تون ڇو قتل ٿي وئين؟

ڇاڪاڻ ته تُو "نه" چئي هئي؟
ڇاڪاڻ ته تُو پنهنجي پسند، پنهنجي مرضي، ۽ پنهنجي عزت لاءِ بيهڻ جي جرئت ڪئي؟
ڇا اهو تنهنجو ڏوهه هو، صدف؟
يا ان سماج جو، جتي مرد جي انا عورت جي زندگيءَ کان وڌيڪ قيمتي سمجهي وڃي ٿي؟
هي صرف هڪ قتل نه هو ـ
هي انسانيت جو قتل هو،
هي علم جي روشنيءَ جو،
هڪ معصوم استاد جو،
هڪ عورت جي وجود، ساڃاهه، ۽ حوصلي جو قتل هو.
قاتل صرف هٿيار کڻندڙ نه آهي،
قاتل اهو به آهي، جيڪو خاموش رهيو،
قاتل اهو به آهي، جيڪو عورت جي "نه" کي گستاخي سمجهي ٿو،
قاتل اهو به آهي، جيڪو عورت جي مرضيءَ کي گناهه ڄاڻي ٿو.
او مرد.
تون پاڻ کي مرد چوندين؟
تون ته انڪار جي هڪ لفظ تي رت سان هٿ رڱين ٿو!
تون ڪهڙي غيرت جو وارث آهين،
جيڪا عزت جي نالي تي بيگناهه خون وهائيندي؟
زمين پيرن هيٺان نڪري وڃي ٿي…
آسمان حيران آهي…
۽ صدف جي خالي ڪرسي،
سڄي سماج تي لعنت بڻجي بيٺي آهي۔
اسين فقط انصاف نٿا گهرون،
اسين جاچ، جوابدهي، ۽ سزا گهرون ٿا ـ
ته جيئن هر "نه" چوڻ واري صدف،
هر جرئت ڪندڙ عورت،
هر استاد،
هر روشن ذهن محفوظ رهي.
صدف، تنهنجي رت جا ڦڙا اڃا تازا آهن،
۽ اسين هاڻ خاموش نه رهنداسين۔
ڊاڪٽر نساء
هڪ ڪلامگر ، جيڪا اڄ صرف لفظن سان ماتم ڪري سگهي ٿي...
پر صدف، تنهنجي لاءِ لکيل هي سٽون،
اُهو آواز آهن، جيڪو خاموشيءَ جي قاتلن کان سوال پڇندو رھندو