ملير: اسٽيل ملز جي نيڪالي ڏنل پورهيتن جو گهرڀاتين سميت ڌرڻو، هڪ ملازم فوت

ڌرڻي دوران هڪ پورهيت سليم خشڪ نوڪري مان برطرفي جي صدمي ۽ سخت گرمي سبب دل بيهڻ ڪري فوت ٿي ويو

ملير: اسٽيل ملز جي نيڪالي ڏنل پورهيتن جو گهرڀاتين سميت ڌرڻو، هڪ ملازم فوت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ملز مان جبري نيڪالي ڏنل پورهيتن جو گهر ڀاتين سميت مطالبن جي مڃتا لاءِ اسٽيل ٽائون کان پيادل مارچ، بن قاسم ريلوي اسٽيشن وٽ تيل جي پٽڙي تي ڌرڻو، سخت گرمي سبب نيڪالي ڏنل پورهيت دل بيهڻ سبب فوت،پورهيتن فيصل آباد کان ايندڙ ملت ايڪسپريس روڪي ڇڏيو، پورهيتن طرفان اسٽيل ملز بحال ڪريو ۽ نيڪالي ڏنل پورهيتن کي بحال ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، اسٽيل مل انتظاميا وفاقي سرڪار اسٽيل مل جي تباهي بربادي جو منصوبو جوڙيو آهي اسٽيل مل جي اثاثن زمين کي نيلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ادارو ملڪ جو قومي اثاثو آهي جنهن جا سمورا ڊپارٽمينٽ بند ڪري لوھ جي چوري ڪرائي پئي وڃي، ڌرڻي دوران فوت پورهيت جو ڪيس اسٽيل ملز انتظاميا خلاف داخل ڪيو وڃي اڳواڻن جو خطاب تفصيل موجب اسٽيل ملز جي سوين پورهيتن گرينڊ الائنس جي سڏ تي گذريل ڏينهن شمشاد قريشي، ڌڻي بخش سمون، امجد زرداري،عاصم ڀٽي اڪبر ناريجو، اڪبر ميمڻ، نويد آفتاب، شوڪت ڪورائي جي اڳواڻي ۾ اسٽيل ٽائون کان قيامت جهڙي گرمي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو جنهن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا جيڪي اسٽيل ملز لڳ احتجاج بعد بن قاسم ريلوي اسٽيشن پهتا ريلوي ٽريڪ بند ڪري پٽڙين تي ڌرڻو هڻي نعريبازي وهي رهيا ڌرڻي دوران سخت گرمي سبب نيڪالي ڏنل پورهيت سليم خشڪ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو جنهن سبب ڌرڻي ۾ سوڳ ۽ اسٽيل ملز انتظاميا خلاف وڌيڪ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي ٻئي طرف اسٽيل مل جي پورهيتن فيصل آباد کان ايندڙ ملت ايڪسپريس روڪي ڇڏي احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي اسٽيل ملز بحال ڪريو ۽ نيڪالي ڏنل پورهيتن کي بحال ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي پورهيتن جي ميڙ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسٽيل مل بند ڪري پورهيتن جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي حڪومت ۽ اسٽيل مل انتظاميا 2015 کان هن وقت تائين اسٽيل مل کي مڪمل طور تي گيس بند ڪري تالو هڻي ڇڏيو آهي هزارين پورهيتن کي جبري برطرف ڪيو ويو تازو 1350 کان وڌيڪ پورهيتن کي نيڪالي ڏني وئي جنهن سبب پورهيت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن هنن جو چوڻ هو ته اسٽيل مل انتظاميا وفاقي سرڪار اسٽيل مل جي تباهي بربادي جو منصوبو جوڙيو آهي اسٽيل مل جي اثاثن ۽ زمين کي نيلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اداري جا سمورا ڊپارٽمينٽ بند ڪري لوھ جي چوري ڪرائي پئي وڃي هن چيو ته سليم خشڪ اسٽيل مل جي اليڪٽرڪ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندو هو جنهن کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو هو اڄ احتجاج دوران فوت ٿي ويو آهي هنن مطالبو ڪيو ته پورهيت جي قتل جو ڪيس اسٽيل ملز انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي هنن اعلان ڪيو ته احتجاج مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو