استاد ،اديب، نقاد ،مزاحمتي ۽ قومي شاعر راشد مورائي جو پورو نالو سيد راشد علي شاهه ولد سيد سعيد علي شاهه "خادم" آهي. سندس جنم 5 مارچ 1944ع تي پرڻ پتڻ لڳ جوڻالوء تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. پاڻ جنهن گهر ۾ هن جنم ورتو، ان ۾ علم ادب ۽ شاعري اڳ ئي موجود هئي. ڇاڪاڻ ته سندس والد صاحب ۽ ٻه وڏا ڀائر سيد روشن علي شاه "روشن" ۽ سيد معصوم علي شاھ " نماڻو" شاعر هئا. 1970ع واري ٻوڏ کان پوءِ پاڻ لڏي اچي مورو شهر ۾ ويٺا ۽ آخري گهڙيءَ تائين مورائي ٿي رهيو.
8 نومبر 1962ع تي تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو، ورنيڪيولر ٽيچرس ٽريننگ 66-1965ع ۾ ۽ ايس. وي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ مان 71-1970ع ۾ ڪيائين. ايـم. اي (ســنڌي ادب) 1988ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس مان ڪيائين. راشد مورائي 1957ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. جڏهن تہ 1966ع کان ڊائري لکڻ جي شروعات ڪيائين جيڪا زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين لکندو رھيو. شاعريءَ جي شروعاتي ڄاڻ والد صاحب کان پوءِ وري حافظ محمد بخش خاصخيلي کان علم عروض جي ڄاڻ ورتائين. پاڻ هڪ منفرد ۽ پر وقار شخصيت جو مالڪ، نطم ۽ ضبط جو قائل، وقت جو پابند هو. جڏھن ڪو پروگرام وقت تي شروع نہ ٿيندو هو تہ پاڻ هليو ويندو هو.
سائين راشد مورائي چيو (منهنجي نظر ۾ پراڻا يا نوان ليکڪ سڀ برابر آهن، محترم صرف اهو آهي جيڪو سوچي سمجهي ٻوليءَ جي دامن ۾ ڪي چار گل وجهڻ چاهي ٿو يا پنهنجي ادب وسيلي ڀٽڪيل ماروئڙن کي ڪا واٽ ڏيکارڻ چاهي ٿو، باقي جيڪڏهن ڪو به ليکڪ پنهنجي ذاتي جذبن جي عڪاسي لاءِ لکي ٿوته پاڻ ڄاڻي اسان ان بابت ڇو ويهي پنهنجو وقت وڃايون).
ائين راشد مورائي پاڻ هڪ جاءِ تي ڪنهن تقريب کي خطاب ڪندي شاعرن بابت چيائين ته (شاعر ٻن قسمن جا آهن هڪ اهي جيڪي شاعر ته ڀلا آهن پر ماڻهو ڀلا ڪونه آهن، ٻيا اهي جيڪي شاعر ته جڏا آهن پر ماڻهو ڏاڍا سيبتا آهن.
سنڌ جو هي عظيم ۽ قومي شاعر ڦڦڙن جي عارضي ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن ڪري کيس ساھ جي تڪليف وڌندي وئي ۽ پاڻ نوابشاھ جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ٿيو. هڪ هفتو علاج کان پوءِ سندس طبعيت ۾ بهتري نه آئي ۽ راجپوتانه اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، بيماري سان ويڙهاند ۾ چڙهي نه سگهيو ۽ آخر پنهنجو علمي ۽ ادبي سفر سان گڏ زندگي جو سفر به پورو ڪيائين. پاڻ 24 مارچ 2014ع تي پنهنجي قومي ڪارڪنن ۽ سنڌ واسين کان جسماني طور وڇڙي ويو.
راشد مورائيءَ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.
1.سنڌڙيءَ جو سوداءُ (شاعري)
2.ميـنديءَ سـندا کيـت (شـاعري)
3.دل جـو شهـر (شــاعري)
4.شعلا شعلا واءُ ۾ (شاعري)
5.ديوان راشد (شاعري)
6.ڪافيون، گيت، غزل (شاعري)
7.درد ۾ دلجوئي (شاعري)
8..پـاڻيءَ تي پهرو (ڪھاڻيون)
9.راشد سان رهاڻ (انٽرويو)
10.خط خوشيءَ مان کول (خطن جو خوشيءَ مان کول (خطن جو مجموعو)
11.جھڙي آيس جيئن (آتم ڪٿا) اڻڇپيل
12.جيڪي ڏنائون (خطن جو مجموعو)
13.پيڙا جي پروڙ (ڪھاڻيون)
14.موري تعلقي جا اديب ۽ شاعر (مقالا)
15.ڳاڙھي باک ڦٽي (شاعري)
0 تبصرے