سربيا جي تاريخ ۾ شاگردن جو وڏي ۾ وڏو احتجاج

سيد غلام مصطفي شاھ

سربيا جي تاريخ ۾ شاگردن جو وڏي ۾ وڏو احتجاج

سربيا جي گاديءَ واري شھر بلغراد جي گهٽين ۾ 15 مارچ 2025 تي هزارين ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، جتي شاگردن جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل هن وڏي احتجاج جو مقصد صدر الئگزينڊر ووچچ جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪرڻ هو. هي مظاهرو رڳو بدعنوانيءَ خلاف هڪ اعلانِ جنگ نه هو، پر سربيا جي سياسي سڃاڻپ ۾ نئين صبح جي شروعات به لڳي رهيو هو. هن احتجاج جي شروعات تڏهن ٿي، جڏهن 1 نومبر 2024 تي نووي ساد جي ريلوي اسٽيشن تي ٿيل هڪ المناڪ حادثي ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا. هيءَ اسٽيشن فقط ٻه سال اڳ ٻيهر تعمير ٿي هئي، جنهن جو ڪم چيني ڪمپنين ڪيو هو. حادثي کان پوءِ رپورٽون سامهون اچڻ لڳيون ته هي منصوبو بدعنوانيءَ جو شڪار هو، جتي ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو هو.شاگردن، جن کي تبديليءَ جا سفير سمجهيو ويندو آهي، پنهنجو آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪيو. هي احتجاج جلدي ئي هڪ وڏي عوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو، جتي عام شهرين کان وٺي مزدورن، هارين، ۽ ڪاروباري ماڻهن تائين سڀني پنهنجو حصو وڌو. عوام جو صبر ختم ٿي پيو، ڇو ته بدعنواني فقط هڪ ريلوي اسٽيشن تائين محدود نه هئي، پر ملڪ جي ڪيترن ئي ادارن ۾ پکڙيل هئي. هن شاگرد تحريڪ ۾ ڪيترائي اهڙا نظارا ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي ٻين عام احتجاجن کان انوکا هئا. "15 لاءِ 15" جي نالي سان ٿيل ريلي، حادثي ۾ مارجي ويل 15 ماڻهن جي ياد ۾ منعقد ڪئي وئي. مظاهرو صبح 11:52 تي شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته حادثو به لڳ ڀڳ انهيءَ وقت ٿيو هو.مظاهرين 15 منٽن لاءِ خاموشي اختيار ڪئي، جيڪا علامتي حرڪت هئي، حڪومت جي ناڪاميءَ تي سوال اٿاريندي. "پمپ اِٽ اپ" نالي نعرو سماجي ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. بينر تي لکيل هو: "هو ختم ٿي چڪو آهي!"، جيڪو سڌو سنئون صدر ووچچ لاءِ پيغام هو.هزارين ٽريڪٽرز ۽ موٽرسائيڪلن جون ريليون نڪتيون، جيڪي هارين ۽ مزدورن جي حمايت کي ظاهر ڪري رهيون هيون. هن احتجاج کي عالمي سطح تي وڏي موٽ ملي.ناليواري گلوڪاره ميڊونا، آمريڪي اداڪاره اليسا ميلانو، ۽ اسپيني گلوڪار مانو چاؤ سڀني شاگردن جي حمايت جو اعلان ڪيو.31 جنوري 2025 تي سربيا جي شاگردن کي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو.يورپي يونين جي مختلف پارٽين به مظاهرين جي حمايت ڪئي،جنهن سبب صدر ووچچ تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي ويو.احتجاج دوران حڪومت جو سخت ردعمل به سامهون آيو.بلغراد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪئي وئي.پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز وڏي انگ ۾ مقرر ڪيون ويون.سربيا جي سرحدن تي چيڪ پوسٽون سخت ڪيون ويون، ۽ ڪروشيا ۽ سلووينيا جي ڪيترن ئي صحافين کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو.صدر ووچچ احتجاج کي "مغربي سازش" قرار ڏنو، پر ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو.16 مارچ 2025 تي، احتجاج کانپوءِ ڪا وڏي سياسي تبديلي سامهون نه آئي، پر ماهرن جو خيال آهي ته هي تحريڪ سربيا جي سياست تي ڊگهي عرصي لاءِ اثر ڇڏيندي.سوال اهو آهي ته،ڇا هي احتجاج صدر ووچچ جي حڪومت لاءِ پڄاڻي جو سبب بڻجندو؟ ڇا شاگردن جي هن تحريڪ مان سربيا جي سياست ۾ ڪا مستقل تبديلي ايندي؟ يا جيئن ٻين ڪيترين سياسي تحريڪن سان ٿيو، هي به ڪجهه هفتن بعد هي تحريڪ به ختم ٿي ويندي؟وقت ئي ٻڌائيندو ته هيءَ تحريڪ فقط احتجاج جو هڪ سلسلو هو يا سربيا جي نئين سياسي تاريخ جو بنياد پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته شاگردن جي هن بغاوت تبديليءَ جو آواز هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائي ڇڏيو آهي،۽ اهو آواز وسامڻ کان اڳ پنهنجو اثر ڇڏي ويندو.