English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن وارو اسٽيوٽا اسپورٽس فيسٽيول ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو
views
|
28th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
فيسٽيول ۾ڪرڪيٽ، ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن ۽ 100 ميٽر ريس جا سنسني خيز مقابلا منعقد ڪيا ويا
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ۾ ٻه ڏينهن وارو اسٽيوٽا اسپورٽس فيسٽيول ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو، جنهن ۾ ڪرڪيٽ، ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن ۽ 100 ميٽر ريس جا سنسني خيز مقابلا منعقد ڪيا ويا. فيسٽيول ۾ ڊويزن سطح جي ٽيمون شريڪ ٿيون ۽ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. نمائشي ڪرڪيٽ ميچ ۾ چيئرمين اليون ايم ڊي اليون کي شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون ۽ چيئرمين اسٽيوٽا جنيد بلند جي شاندار اننگ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ٻئي طرف ريس ۾ چيئرمين جنيد بلند ايم ڊي اسٽيوٽا، ريجنل ڊائريڪٽرن ۽ ڊائريڪٽرن سان گڏ اسٽاف جون ڊوڙيون لڳرايون. اسٽاف کي ڀڄائي ڀڄائي آخر ۾ چيئرمين فتح حاصل ڪئي. چيئرمين جنيد بلند ايم ڊي اسٽيوٽا منور علي مٺاڻي سان آرم ريسلنگ سان گڏ سمورن شاگردن سان بيڊمنٽن، ڪرڪيٽ ۽ ٽيبل ٽينس به کيڏي. ٻئي طرف ڪرڪيٽ جي فائنل ۾ لاڙڪاڻي ريجن ميرپورخاص ريجن کي سنسني خيز مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي. لاڙڪاڻي جي ٽيم جارحاڻي بيٽنگ ڪندي بائونڊرين جي برسات ڪئي. ٽيبل ٽينس ۽ بيڊمنٽن جي مقابلن ۾ ڪراچي ريجن جي رانديگرن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته 100 ميٽر ريس ۾ حيدرآباد جا رانديگر ميدان ماري ويا. پڄاڻي واري تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون ۽ چيئرمين اسٽيوٽا جنيد بلند خطاب ڪندي چيو ته اسٽيوٽا اسپورٽس فيسٽيول جو مقصد نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ، راندين جا ميدان فعال بڻائڻ ۽ هنر، تعليم سان گڏ راندين جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.هن وڌيڪ چيو ته ذهني ۽ جسماني صلاحيتن جي بهتري سان ئي ملڪ جي ترقي ممڪن آهي. اسٽيوٽا جو هي ايونٽ هڪ مثبت قدم آهي، ۽ سنڌ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته صوبي جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ راندين کي فروغ ڏنو وڃي. اسان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق اڳتي وڌي رهيا آهيون، جنهن ۾ نوجوانن کي بهتر تعليم، تربيت ۽ راندين جا موقعا ڏيڻ شامل آهن. مينجنگ ڊائريڪٽر اسٽيٽا منور علي مٺاڻي چيو ته منشيات سميت ٻين سماجي برائين جي خاتمي لاءِ نوجوانن کي ذهني ۽ جسماني سرگرمين ۾ مصروف رکڻ ضروري آهي. اسان نه رڳو ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل تعليم فراهم ڪري رهيا آهيون، پر راندين کي به فروغ ڏئي رهيا آهيون. سنڌ حڪومت جو هي ادارو صوبي جي ٽيلنٽ کي سامهون آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. چيئرمين جنيد بلند سڀني فاتح رانديگرن ۾ ميڊلز ۽ شيلڊز ورهايون ۽ مبارڪباد پيش ڪئي. تقريب ۾ شاندار آتشبازي جو مظاهرو به ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Apr 2025
•
تازہ ترین
وزیرِ اعظم نے احتجاج کی شدت کم کر دی ہے: بلاول بھٹو زرداری
24th Apr 2025
•
تازہ ترین
بھارت سے تجارت، واہگہ بارڈر اور فضائی حدود بند، پانی روکنا جنگی قدم سمجھا جائے گا: قومی سلامتی کمیٹی
24th Apr 2025
•
دنیا
پہلگام واقعہ مودی سرکار کی ہندوتوا پالیسی کا نتیجہ ہے: کانگریس رہنما
24th Apr 2025
•
دنیا
امریکہ نے بھارت میں موجود اپنے شہریوں کو الرٹ جاری کر دیا
24th Apr 2025
•
تازہ ترین
وزیرِ اعظم نے احتجاج کی شدت کم کر دی ہے: بلاول بھٹو زرداری
24th Apr 2025
•
تازہ ترین
بھارت سے تجارت، واہگہ بارڈر اور فضائی حدود بند، پانی روکنا جنگی قدم سمجھا جائے گا: قومی سلامتی کمیٹی
24th Apr 2025
•
دنیا
پہلگام واقعہ مودی سرکار کی ہندوتوا پالیسی کا نتیجہ ہے: کانگریس رہنما
24th Apr 2025
•
دنیا
امریکہ نے بھارت میں موجود اپنے شہریوں کو الرٹ جاری کر دیا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
اسٽيوٽا اسپورٽس فيسٽيول
فيسٽيول ۾ ڊويزن سطح
0 تبصرے