ڳوٺ ڇٽل راڄپر واسڻ شاگردياڻي کي ڳوٺ اٽل ٻوهيو جي اسڪول مان واپسي تي مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو ويو
نوشھرو فيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ ڇٽل راڄپر جي رھواسڻ 12 سالن جي شاگردياڻي سان مبينا جنسي زيادتي جو شڪار ڪيس داخل جوابدار گرفتار، ڳوٺ ڇٽل راڄپر جي رهواسڻ 12 سالا نينگري ٻڌايو ته مان 6 ڪلاس جي شاگردياڻي آهيان ڳوٺ اٽل ٻوهيو جي اسڪول ۾ پڙهڻ وئي هيس اسڪول مان واپس ڳوٺ اچي رهي هيس ته اڌ واٽ تي جوابدار صدام کوسو بيٺ هيو جيڪو مون کي زبردستي سرنهن جي فصل ۾ وٺي ويو جتي هن مون سان زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو اهڙي واقعي جو ڪيس نوشهرو فيروز ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي نوشهرو فيروز ٿاڻي تي موجود جاچ آفيسر اياز قريشي ٻڌايو نيگري جو والد فريادي آھي ان جي چوڻ مطابق ڪيس داخل ڪيو آھي پوليس پنهنجي جاچ ڪري پئي نيگري جو ميڊيڪل ڪرائڻ سان گڏ جوابدار صدام کوسو جو به ميڊيڪل ڪرايو ويو آھي رپورٽ اچڻ بعد ئي اوپينين ڏئي سگهجي ٿو
0 تبصرے