"مريم الاسطُرلابی"هڪ مسلم خاتون سائنسدان

سيد غلام مصطفي شاھ

اڄ اسان هڪ اهڙي روشن ذهن، باصلاحيت مسلم خاتون سائنسدان جي داستانِ عزم سان روشناس ٿينداسين، جيڪا تجربن جي خاموشي ۾ دريافت جا شعلا ٻاري ٿي، سوالن جا جواب ڳولي ٿي، ۽ ثابت ڪري ٿي ته علم ۽ شعور ترقي جون علامتون آهن۔ هوءَ نه صرف سائنسي مساواتن کي حل ڪيو پر سماج جي انهن پراڻن تصورَن کي به چئلينج ڪري ڪيو،جيڪي عورتن کي "سائنس جي دنيا" کان پري رکڻ چاهين ٿا۔ سندس ڪهاڻي صرف هڪ سائنسدان جي ڪاميابي ناهي، پر ايمان، همت، ۽ جدوجهد جو اهڙو ميل ميلاپ آهي، جيڪو نئين نسل کي وڏا خواب ڏسڻ جي همت ڏياري ٿو۔

مريم الاسطُرلابي ڪير هئي؟

مريم الاسطُرلابي هڪ اهڙي مسلم خاتون هئي، جنهن پنهنجي دور ۾ سائنسي دنيا ۾ اهم مقام حاصل ڪيو۔ هوءَ 10هين صدي جي وچ ڌاري پيدا ٿي ۽ اسلامي تاريخ جي اهم شخصيتن مان هڪ هئي۔ هن جو نالو خاص طور تي فلڪيات (Astronomy) ۽ رياضيءَ جي ميدان ۾ سندس خدمتن جي ڪري مشهور آهي۔

تعليم ۽ ابتدائي زندگي

مريم الاسطُرلابي عباسي خلافت جي دور سان واسطو رکندي هئي ۽ ممڪن آهي ته بغداد يا دمشق ۾ پيدا ٿي هجي۔ اهو دور علم ۽ حڪمت جو زمانو هو، جنهن ۾ مسلمانن سائنس، طب، رياضي، فلڪيات، ۽ ٻين شعبن ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا۔ مريم به انهن عالمن مان هڪ هئي، جنهن فلڪيات ۽ رياضيءَ جي ميدان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو۔

اصطرلاب ڇا آهي؟

مريم الاسطُرلابي جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اصطرلاب (Astrolabe) جي ترقي آهي۔ اصطرلاب هڪ قديم اوزار هو، جيڪو فلڪيات، وقت معلوم ڪرڻ، سمت سڃاڻڻ، ۽ سائنسي مشاهدي لاءِ استعمال ٿيندو هو۔ مريم هن اوزار جي جوڙجڪ ۾ وڏيون بهتريون آنديون ۽ ان کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو۔ اصطرلاب بعد ۾ جهاز راني ۽ خلائي مشاهدي ۾ به استعمال ڪيو ويو۔مريم هن اوزار کي اهڙي طريقي سان ڊزائين ڪيو، جو اهو سامونڊي سفر ۽ رستي جي سڃاڻپ لاءِ وڌيڪ آسان ٿي ويو۔ ان کان علاوه، ان جو استعمال فلڪياتي مشاهدي لاءِ به ٿيندو هو، ۽ مريم ان ۾ اهڙيون انقلابي تبديليون آنديون، جيڪي سائنسي ترقيءَ لاءِ انتهائي اهم ثابت ٿيون۔

سائنسي خدمتون ۽ ورثو

مريم الاسطُرلابي جون ٻيون سائنسي خدمتون فلڪياتي مشاهدي، سائنسي طريقن ۾ سڌارا، ۽ رياضيءَ جي اصولن جي کوجنا تي مشتمل هيون۔ سندس ڪم نه رڳو فلڪيات ۾ انقلابي تبديليون آنديون، پر جديد نيويگيشن (Navigation) جي اصولن جو بنياد به وڌو۔ سندس خدمتون سڄي سائنسي دنيا تي اثرانداز ٿيون۔مريم جو ڪم صرف پنهنجي دور تائين محدود نه رهيو، پر سندس ايجادون ۽ علمي ڪم اڄ تائين محسوس ڪيا وڃن ٿا۔ سندس خدمتون نه رڳو مسلمانن لاءِ، پر پوري دنيا لاءِ هڪ قيمتي ورثو آهن۔

مريم جو نالو سائنس جي دنيا ۾ عورتن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ثابت ڪري ٿو ته عورتون به علمي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون۔مريم الاسطُرلابي جو سائنسي سفر هڪ مثال آهي ته ڪيئن هڪ مسلم عورت پنهنجي دور ۾ سائنسي دنيا ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون۔ سندس خدمتون نه رڳو پنهنجي وقت ۾ علمي دنيا کي فائدو ڏنو، پر سندس ڪم ايندڙ نسلن لاءِ به روشنيءَ جو چراغ بڻجي ويو۔ سندس ڪهاڻي اسان کي اهو سيکاري ٿي ته علم ڪنهن خاص جنس يا طبقي جي جاگير ناهي، پر هر ماڻهوءَ جو حق آهي ۽ هر فرد پنهنجي دور ۾ ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو۔

مريم الاسطُرلابي جي علمي وراثت اڄ به سائنسي ترقيءَ جي ميدان ۾ اسان جي رهنمائي ڪري ٿي، ۽ سندس نالو هميشه تاريخ ۾ زنده رهندو۔

مريم الاسطُرلابي بابت تاريخ ۾ موجود معلومات تمام محدود آهي ۽ ان جو ڪو به مستند تصويري ثبوت موجود ناهي، ڇو ته هوءَ 10هين صدي جي شخصيت هئي، ۽ ان دور جي گهڻين تاريخي شخصيتن جون تصويرون محفوظ نه ٿيون هيون۔