English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مٽياري ۾ پهرئين ايگرو لائيو اسٽاڪ اينڊ هينڊيڪرافٽس ايڪسپو جون تياريون مڪمل
206 views
|
07th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
8فيبروري تي ٻن ڏينهن واري ايڪسپو جو باقاعده افتتاح ڪيو ويندو: ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ
مٽياري (رپورٽر) ضلعي انتظاميه مٽياري پاران پهرئين ايگرو لائيو اسٽاڪ اينڊ هينڊيڪرافٽس ايڪسپو 2025 جون تياريون مڪمل، سڀاڻي 8 فيبروري تي ٻن ڏينهن واري ايڪسپو جو باقاعده افتتاح ڪيو ويندو، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ ايڪسپو واري هنڌ نيشنل هائي وي مٽياري لڳ انصاري ريزيڊنسي ۾ پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته ضلعي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هي ميگا ايونٽ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ زراعت، چوپائي مال، هٿ جي هنرن، کاڌ خوراڪ، گلن جي نمائش، رڌ پچاءُ ۽ ثقافتي راندين جا 200 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا آهن. هن چيو ته مٽياري، هالا، سعيدآباد، ڀٽ شاهه، اڏيرو لال سميت ضلعي جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن جا ماڻهو انتهائي گهڻا هنرمند ۽ محنت ڪش آهن، ايڪسپو جو مقصد ٻهراڙي جي معيشيت جي ترقي لاءِ نوان دروازا کولڻ آهي ته جيئن هاري، آبادگار توڙي هنرمند پنهنجي پورهئي کي سڌو سنئون مارڪيٽ ۾ آڻي سٺو منافعو ڪمائي سگهن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته وڌي پيماني تي ٿيندڙ ايڪسپو لاءِ سنڌ انٽرپرائزز ڊولپمينٽ فنڊ (ايس اي ڊي ايف)، زراعت، لائيو اسٽاڪ سماجي ڀلائي، صحت، تعليم، انفارميشن، پوليس، اسٽيٽ بينڪ، ٻين بينڪن ۽ مختلف غير سرڪاري تنظيمن جو ڀرپور سهڪار رهيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ چيو ته ايڪسپو ۾ زراعت، چوپائي مال ۽ دستڪاري سان لاڳاپيل ماروئڙن کي ڊجيٽل مارڪيٽنگ ذريعي جديد دور سان ڳنڍڻ لاءِ ڀرپور نيٽورڪنگ ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته 8 فيبروري تي صبح جو 10 وڳي ايڪسپو جو باقاعده افتتاح ڪيو ويندو جيڪو 9 فيبروري شام جو 6 وڳي تائين جاري رهندو، شاگردن پاران سائنسي ماڊل ۽ راندين جا مقابلا پڻ ٿيندا. پڄاڻي واري تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن، ادارن جي آفيسرن ۽ ميڊيا جي نمائندن کي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويندو. پريس بريفنگ بعد ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سمورن لاڳاپيل ضلعي آفيسرن سان گڏجي ايڪسپو جي اسٽالن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نور احمد کهرو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو اقرا جنت، ڊي ايڇ او پير غلام حسين، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت ضمير سرهيو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رفيق جمالي، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالستار شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا مظاهر ٻرڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن محمد صابر ڪاڪا، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر رياض لغاري، ڊپٽي ڪنٽرولر سول ڊفينس جلال ٻاٽي سميت ٻيا عملدار موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
محمد يوسف شيخ
ڊپٽي ڪمشنر مٽياري
0 تبصرے