ڪرڪيٽ جو هي ميلو 29 سالن کان پوءِ پاڪستان جي زمين تي واپس اچي رهيو آهي، ائين لڳي ٿو ڄڻ وقت هڪ جذبات سان ڀرپور دائرو مڪمل ڪري چڪو هجي. 19 فيبروري کان شروع ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي جون رونقون ٻيڻيو ٿي وينديون، پر ڪجهه چهرا اهڙا آهن جيڪي هن ڀيري ميدان ۾ موجود نه هوندا. انهن جي غير موجودگيءَ جتي ٽيمن لاءِ هڪ خلا پيدا ڪندي، اتي ئي ڪجهه نوان نالا پنهنجي چمڪ جو موقعو حاصل ڪندا.اچو ته ڳالهه ڪريون انهن اٺ ٽيمن جي، جيڪي نه صرف ٽرافيءَ لاءِ پر پنهنجي جوش، جذبن ۽ همٿ دنيا کي ڏيکاريندا.
1. پاڪستان: (اميد جي ڪرن)
ڪپتان محمد رضوان جي قيادت هيٺ، پاڪستاني ٽيم جذباتي لحاظ کان سڀني کان وڌيڪ دٻاءُ ۾ آهي. سبب صرف ميزباني نه آهي، پر ساعم ايوب جهڙي نوجوان رانديگر جي غير موجودگي به آهي، جيڪو انجري سبب ميدان تي نه اچي سگهندو.چون ٿا ته ساعم ايوب کان سواءِ وچولو بيٽنگ آرڊر ڪجهه اداس لڳندو، پر شاهين شاه آفريدِي جي بالنگ ۽ فخر زمان جي ڪلاسڪ شاٽس تي پورو پاڪستان فخر سان چوي ٿو:
"اسانجي ٽيم ۾ اڃا به دم آهي!"
2. ڀارت: (کٽڻ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ)
روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي جوڙي جڏهن گرائونڊ تي لهندي ته شايد ڪو به بالر آسانيءَ سان ساهه نه کڻي سگهندو پر هن ڪهاڻي جو هڪ ٻيو پاسو به آهي جسپرِيت بمراه جي واپسي.چيلھ جي سور جي تڪليف کان پوءِ بمراه جي واپسي ائين لڳي ٿو ڄڻ فلم جي ولن اوچتو هيرو جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي.ڪجهه نوجوان بيٽسمين جي فارم تي اڃا تائين سواليا نشان موجود آهن. انڊيا ٽرافي کٽڻ لاءِ نَنهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندي.
3. آسٽريليا: (زخمي شينهنِ جو هجوم)
جيڪڏهن ڪنهن ٽيم کي "بدقسمتي" جو تمغو ڏنو وڃي، ته شايد آسٽريليا ان اعزاز جي حقدار ٿيندي. ڇاڪاڻ تہ ڪپتان پيٽ ڪمنز جو زخمي ٿيڻ ، مچل اسٽارڪ جي غير متوقع دستبرداري، ۽ جوش هيزل ووڊ جي زخمي ٿيڻ سبب ٽيم اندر کان خالي ٿي پئي آهي. پر ياد رهي،هي آسٽريليا آهي! گلين ميڪسويل جهڙو رانديگر جيڪو هڪ ئي اوور ۾ 30 رنسون ٺاهڻ جهڙي طاقت رکي ٿو ۽ ميچ جو نقشو بدلائي سگهي ٿو.
4. انگلينڊ: (پراڻي ڪتاب جا نوان باب)
جوز بٽلر جي ٽيم سدائين همٿ ڏيکاري وري سست ٿي ويندي آهي.جيڪب پٺيل جي جاءِ تي ٽام بينٽن کي موقعو مليو آهي، جيڪو انگلينڊ جي نوجوانن جي ان نسل مان آهي جيڪا "ٽڪ ٽاڪ شاٽس" سان روايتي ڪرڪيٽ کي چيلينج ڪري رهيو آهي.سوال اهو آهي ته ڇا هي نئين ٽهي وڏن ميچن جي دٻاءُ کي برداشت ڪري سگهندي يا نه.
5. ڏکڻ آفريڪا: (تيز رفتار هوائن جو سُست ٿيڻ)
اینرڪ نوڪيا ۽ جيرالڊ ڪوئٽزي جي غير موجودگي ڏکڻ آفريڪا جي رفتار تي بريڪ لڳائي ڇڏي آهي. پر ڪيشو مهاراج جي اسپن ۽ ڊيوڊ ملر جي بيٽنگ اهي اوزار آهن جيڪي ڪنهن به ميچ جو پاسو بدلائي سگهن ٿا. شايد اهو ئي سبب آهي جو ڏکڻ آفريڪا جا ڪوچ چون ٿا"اسين رفتار سان نه، پر دماغ سان کٽينداسين."
6. نيوزيلينڊ: (خاموش حملا آور)
نيوزيلينڊ جي ٽيم اهڙي آهي ڄڻ پرسڪون درياءُ مٿاڇري تي سڪون پر اندر گهرو.ڪين وليمسن جي شاندار قيادت ۽ ٽرينٽ بولٽ جي بالنگ سان، هي ٽيم چپ چاپ فائنل تائين پهچڻ جو هنر رکندي آهي.ياد رهي، 2019 جي ورلڊ ڪپ جو اهو ڊرامائي طور فائنل ۾ پهچڻ، نيوزيلينڊ جا رانديگر ٻيهر اهو ئي جادو ڏيکاري سگهن ٿا.
7. افغانستان (جذبن جي جنگ)
راشد خان جي ليگ اسپن ڏسڻ ائين آهي ڄڻ ڪو جادوگر بال سان کيڏي رهيو هجي. افغانستان جي ڪهاڻي صرف ڪرڪيٽ نه آهي، پر اميد جي ڪهاڻي آهي. جڏهن هي ٽيم ميدان ۾ هوندي آهي، ته لڳي ٿو ڄڻ سڄو ملڪ گڏجي پنهنجن خوابن کي زنده ڏسي رهيو هجي. ۽ انهن خوابن جي ئي طاقت، انهن کي ڪنهن به وڏي ٽيم لاءِ خطرو بڻائي سگهي ٿي.
8. بنگلاديش (تجربي تي ڀروسو)
مشفق الرحيم ۽ محمود الله جهڙا رانديگر جڏهن بيٽنگ ڪندا آهن، ته لڳي ٿو ڄڻ وقت رڪجي وڃي. هي ٽيم پنهنجي تجربي تي ڀروسو ڪندي آهي، پر نوجوانن جون ڪمزوريون گهڻو ڪري انهن کي مهانگيون پونديون آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو بنگلاديش جو ڪوچ چوي ٿو"اسان کي ماضي کي پوئتي ڇڏي، اڳتي ڏسڻو پوندو."
23 فيبروري جو پاڪ-ڀارت ميچ دبئي جي اسٽيڊيم ۾ جڏهن هي ٻه ٽيمون هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون،ته شايد ڪو دل اهڙو نه هوندو جيڪو ڌڙڪي نه رهيو هجي. هي صرف هڪ ميچ نه آهي، پر جذبن جي جنگ آهي.پاڪستان لاءِ هي ٽورنامنٽ صرف راند نه آهي، پر پنهنجي وجود جو اثاثو آهي. هر ڪٽ تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بتيون روشن ٿي وينديون ۽ هار تي هڪ عجيب سناٽو ڇائنجندو.چيمپينز ٽرافي 2025 صرف ڪرڪيٽ نه آهي، پر جذبات، اميدون، ۽ انساني ڪهاڻين جو گڏيل منظرنامو آهي. ڪجهه ستارا غائب آهن، پر انهن جي جاءِ تي نوان چهرا پنهنجي موقع جي روشني ۾ اڀرندا. ميزبان پاڪستان جي خوشي، ڀارت جي ضد، آسٽريليا جي همت، ۽ افغانستان جا خواب اهي سڀ گڏجي هن ٽورنامنٽ کي هميشه لاءِ يادگار بڻائيندا.
ته تيار رهو، ڇو ته هي ڪرڪيٽ صرف راند نه آهي، پر هڪ اهڙو ٽورنامينٽ آهي جنهن جو هر منظر دل کي ڇهي سگهي ٿو.
0 تبصرے