5فيبروري—ڪشمير ڏهاڙو: آزاديءَ جي جدوجهد جو هڪ نئون باب

تحرير: عبدالغفور سروهي

5فيبروري—ڪشمير ڏهاڙو: آزاديءَ جي جدوجهد جو هڪ نئون باب

ڪشمير پاڪستان جي شاهه رڳ آهي“ هن جملي کي صرف جذباتي اظهار نه سمجهڻ گهرجي بلڪي هي حقيقت تي ٻڌل هڪ اهڙو اصول آهي، جيڪو نه صرف پاڪستاني عوام جي دلين ۾ موجود آهي پر هر ان ماڻهو جي سوچ جو حصو آهي، جيڪو انساني حقن ۽ آزاديءَ جي اهميت کي سمجهي ٿو. 5 فيبروري ڪشمير ڏهاڙو اُن ئي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي، جتي پاڪستان جي عوام ۽ دنيا جي هر باشعور انسان کي ياد ڏيارڻ جو موقعو ملندو آهي ته ڪشمير جي مظلوم عوام سان ٿيندڙ ظلمن جو ازالو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن کين حقِ خوداراديت ملي.

ڪشمير: تاريخي پسمنظر ۽ مظلوميت جي داستان

1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ، جتي پاڪستان ۽ هندستان آزاد ملڪ طور سامهون آيا، اتي ڪشمير جو عوام هڪ ٻئي دڳ تي بيٺو رهيو. مهاراجه هري سنگهه، جنهن کي ڪنهن به طرح ڪشمير جي عوام جو نمائندو نه سمجهي سگهجي، هندستان سان الحاق جو غيرقانوني فيصلو ڪيو، جيڪو نه رڳو ورهاڱي جي اصولن جي ڀڃڪڙي هو، پر گڏيل قومن جي ٺهرائن جي به سراسر لتاڙ هئي.

ان کان پوءِ، 1947ع کان وٺي اڄ تائين ڪشميرين جي تقدير ۾ ظلم، جبر، قتل، ۽ غلاميءَ جا داستان لکيا ويا.

1948ع ۾ گڏيل قومن جو ٺهراءُ آيو، جنهن موجب ڪشمير ۾ استصوابِ راءِ ٿيڻ گهرجي، جيئن اُتي جا ماڻهو پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪري سگهن.

هندستان، جيڪا پاڻ ئي گڏيل قومن جي ٺهراءُ کي مڃڻ لاءِ تيار هئي، بعد ۾ ان تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

1965ع ۽ 1971ع جون جنگيون به ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، جڏهن ته 1989ع کان پوءِ ڪشميرين جي آزاديءَ جي تحريڪ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي.

5 آگسٽ 2019ع تي، هندستان طرفان ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ، ان علائقي تي وڌيڪ ظالماڻو قبضو قائم ڪرڻ جي برابر هو، جنهن کي پاڪستان ۽ عالمي برادريءَ وڏي پيماني تي رد ڪيو.

ڪشميرين جي آزاديءَ جي جدوجهد: هڪ نه ختم ٿيندڙ قرباني

ڪشمير جو عوام، جيڪو 75 سالن کان ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي، اڄ به پنهنجي آزاديءَ لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي.

هزارين نوجوانن کي جيلن ۾ واڙيو ويو.

هزارين مائرن جا پٽ، جبري طور تي گم ڪيا ويا، جن جا لاش به سندن گهر نه موٽيا.

اجتماعي قبرون، عورتن سان اجتماعي زيادتيون، ۽ هر ان ظلم جو استعمال، جيڪو ڪنهن به ظالم حڪومت جي هٿ ۾ هوندو، هندستاني فوج طرفان ڪشمير جي عوام تي آزمايو ويو.

ان باوجود، ڪشميرين جو آزاديءَ جو جذبو نه مريو، بلڪه هر ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي.

5 فيبروري: صرف يادگيري نه پر ذميواريءَ جو ڏينهن

5 فيبروري 1990ع کان وٺي، پاڪستان ۾ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتيءَ جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

هن ڏينهن تي ملڪ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ريلين، تقريبن، ۽ ميڊيا جي ذريعي ڪشمير جي آزاديءَ جي تحريڪ جي حمايت ڪئي ويندي آهي.

پر ڇا هي ڪافي آهي؟

ڪشمير جي عوام کي رڳو لفظن جي نه، پر عملي ساٿ جي ضرورت آهي.

پاڪستان کي عالمي سطح تي وڌيڪ سرگرمي ڏيکارڻ گهرجي.

عالمي برادريءَ کي اهو باور ڪرائڻ گهرجي ته هي رڳو هڪ سرحدي تڪرار نه، پر انساني حقن جو مسئلو آهي.

ڪشمير جي مسئلي کي عالمي فورمن تي وڌيڪ شدت سان پيش ڪرڻ گهرجي.

عالمي برادريءَ جي خاموشي: ناانصافيءَ ۾ برابري

ڪشمير تي عالمي برادريءَ جي خاموشي، ناانصافيءَ جي حمايت برابر آهي.

اقوامِ متحده، جيڪو انساني حقن جو علمبردار هجڻ جو دعويدار آهي، اڄ ڪشمير جي مظلوم ماڻهن لاءِ ڪٿي آهي؟

او آءِ سي، جيڪو مسلمان ملڪن جو اتحاد آهي، ڇو خاموش آهي؟

ٻيا ترقي يافته ملڪ، جيڪي انساني حقن جو سبق ڏين ٿا، هتي ڇو ماٺ آهن؟

جيڪڏهن عالمي برادري انصاف تي يقين رکي ٿي، ته پوءِ ڪشمير کي به فلسطين وانگر عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻو پوندو.

حاصل مقصد آزادي يقيني آهي، ڇو ته ظلم سدائين نه ٿو رهي سگهي

ڪشمير جي مسئلي کي جيترو دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، اوترو ئي هي تحريڪ وڌيڪ سگهاري ٿيندي.

ڪشمير جي مظلوم عوام جو آواز، دنيا جي ضمير کي ضرور جاڳائيندو.

5 فيبروري تي اسان رڳو ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار نه ڪريون، بلڪه پنهنجي ذميواري سمجهون ته اسان کي عالمي فورمن تي وڌيڪ آواز اٿارڻو آهي، ته جيئن هڪ ڏينهن، ڪشمير جا مظلوم ماڻهو به آزاد فضا ۾ ساهه کڻي سگهن.

”ڪشمير! اسان جو آهي—ڪشميرين سان ساٿ جاري رهندو!“