ممتاز عرف پپو ڀيو, سيد سجاد شاھ, فيصل ڀٽو, راحب شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ پيپلز ھاري ڪاميٽي شڪارپور طرفان سنڌو دريا تي ڪئينال اڏڻ خلاف پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي کي پيپلز ھاري ڪاميٽي ضلعي صدر ممتاز عرف پپو ڀيو, سيد سجاد شاھ, فيصل ڀٽو, راحب شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسين نون اڏندڙ ڪئنالن کي رد ڪريون ٿا شھيد راڻي ھميشا ڊيم ۽ ڪئنالن خلاف آواز اٿاريو ھيو اسين ان جي پيروڪاري ڪندي ڍئمن ڪئنالن کي نامنظور ڪريون ٿا ھنن چيو ته سنڌو درياء سان ماٽيلي ماء جھڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي پاڻي جي کوٽ سبب اڳئي سنڌ ۾ فصل تباھ ٿي رھيو آھي ويتر نوان ڪئنال اڏي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي, پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪري سنڌ جو زمينون غير آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رھيا آھن جيڪو اسان ڪنھن بي صورت ٿيڻ نہ ڏينداسين اسان سنڌ جي عوام سان گڏ آھيون ھارين کي پنھنجا حق وٺي ڏيندايسن.
0 تبصرے