ملير بار ايسوسيئيشن پاران سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجو جي سالگرهه تقريب منعقد

سنڌ جي زمينن تي والار ۽ سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال اڏڻ جي سازشن کي رد ڪريون ٿا: وڪيل اڳواڻ

ملير بار ايسوسيئيشن پاران سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجو جي سالگرهه تقريب منعقد

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رسول بخش پليجو عوامي ليڊر ۽ مدبر سياسي اڳواڻ هو، هن سنڌ جي هارين مظلومن، سنڌو درياهه جي جياپي، جمهوريت، عدليه ۽ ميڊيا جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي، اهڙن خيالن جو اظهار ملير بار ايسوسيئيشن جي هال ۾ عوامي لائر پاران ملھايل عوامي تحريڪ اڳواڻ رسول بخش پليجو جي 95 هين سالگرهه جي موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالستار رند، لال جروار، محمد جروار، بار ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري اياز چانڊيو، امان الله يوسف زئي، ناصر رضا رند، خالد محمود، رستم ميراڻي، ڪاظم مهيسر عبداللہ ٻپڙ، اسمه محسن، پرهه سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سياسي اڳواڻن ۽ قانوندانن چيو ته سنڌ جي زمينن تي والار ۽ سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال اڏڻ جي سازشن کي رد ڪريون ٿا، هنن سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هنن وڌيڪ چيو ته رسول بخش پليجو عوامي ليڊر هو عوامي جدوجهد ڪئي هڪ مدبر سياسي ليڊر هو جنهن سنڌ جي هارين مظلومن، سنڌو درياھ جي جياپي عدليا، ميڊيا جهموريت جي آزادي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي جيلن جون سختيون برداشت ڪيون، رسول بخش پليجو جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن اهڙا ليڊر قومن لاءِ مشعل راھ هوندا آهن هن پنهنجي سڄي زندگي جدوجھد جي ميدان ۾ گذاري، اڄ سنڌ سڪائڻ لاءِ سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي اهڙن سمورن ڪئنالن کي رد ڪريون ٿا جيڪي سنڌ کي تباھ ڪن سنڌو درياھ بچائڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، رسول بخش پليجو هڪ سياسي جدوجهد ڪندڙ عظيم ليڊر هو اسان تي اهو قومي فرض آهي ته رسول بخش پليجو جي جدوجهد کي جاري رکون.