سانگهڙ واقعي ۾ ٽن شهيدن جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف نوشهروفيروز ۾ احتجاج

سانگهڙ ڀرسان ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ 3 بيگناهه ماڻهو مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا پر ڪيس داخل ناهي ٿيو: اڳواڻ

سانگهڙ واقعي ۾ ٽن شهيدن جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف نوشهروفيروز ۾ احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر)سانگهڙ واقعي ۾ شهيد ٿيل مقتولن جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف نوشهرو فيروز ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين جو احتجاج ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي پ پ پ شهيد ڀٽو جو خالد چانڊيو، ايس يو پي جو جنيد وسطڙو، سهيل منگي عوامي سٿ جو لالا آصف سنڌي، ثناءُ الله عباسي، راڻو خان وڳڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سانگهڙ ڀرسان ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ 3 بيگناهه ماڻهو مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن پر ان واقعي ۾ پ پ ايم اين اي جو علاءُ الدين جوڻيجي جو نالو ملوث هجڻ سبب ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو اهو واقعو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، متاثر عورتون ۽ ٻارڙا لاش کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري رهيا آهن جيڪڏهن ڪنهن امير جو مرغي چوري ٿئي ٿو ته هڪ منٽ ۾ ايف آءِ آر درج ٿي وڃي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت کي شرم اچڻ کپي بلاول ڀٽو روڊ تي 3 لاش پيل آهن، عورتون ۽ ٻارڙا روڊن تي آهن پر افسوس انصاف نه ٿو ڪيو وڃي