گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا رهواسي ننڌڻڪا ناهن، سندن مالڪي ڪنداسين: صنعان قريشي

جسقم چيئرمين پاران گلشن حديد ۾ پاڻي بحران خلاف احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان

گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا رهواسي ننڌڻڪا ناهن، سندن مالڪي ڪنداسين: صنعان قريشي

ملير(عبدالرشيد مورجھريو)جسقم پاران گلشن حديد ۾ پاڻي بحران خلاف احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان، اسٽيل مل انتظاميا صوبائي ۽ وفاقي سرڪار فوري طور تي گلشن حديد اسٽيل ٽائون ۾پيئڻ جي پاڻيءَ جي بحالي کي يقيني بڻائي صنعان قريشي تفصيل موجب جسقم وڊيو بيان جاري ڪري گلشن حديد ۾ پاڻي بحران خلاف احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي وڊيو بيان ۾ هن چيو آهي ته اسٽيل مل انتظاميا صوبائي ۽ وفاقي سرڪار فوري طور تي گلشن حديد اسٽيل ٽائون ۾پيئڻ جي پاڻيءَ جي بحالي کي يقيني بڻائي اسٽيل مل کي تباھ ڪري هزارين پورهيتن جا گهر تباھ ڪيا ويا آهن هي خاندان فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن اسٽيل مل جي تباهي بعد لکين شهرين جو پاڻي بند ڪرڻ ظلم آهي جسقم شهرين سان گڏ آهي احتجاج جي حمايت ڪريون ٿا صنعان قريشي جو وڌيڪ چوڻ هو ته گلشن حديد جو عوام ننڌڻڪو ناهي احتجاج پرامن آهي رياستي مشينري اسعتمال ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏيون ٿا ته فوري طور تي گلشن حديد اسٽيل ٽائون جو پاڻي بحال ڪري ٻئي صورت ۾ جسقم جا ڪارڪن روڊن تي هوندا