فائنل جي شروعات رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ شمس ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاڪستان جي قومي تراني سان ڪئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ الحاج سيد علي مردان شاھ ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائينل جي شروعات رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ شمس ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاڪستان جي قومي تراني سان ڪئي ۽ پاڪستان جي جھنڊي کي سلامي پيش ڪئي، تفصيل موجب ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ الحاج سيد علي مردان شاھ ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ اسپورٽس يوٿ افيئر ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي گڏيل سھڪار سان ٿيل ٽورنامينٽ جي فائينل ۾ پھرئين بيٽنگ ڪندي رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي 7 وڪيٽن جي نقصان تي علي حيدر 45 رنسون، انيل ڪمار 29 رنسون ٺاھي نمايان رھيا ۽ 20 اوورن ۾ 139 جو ٽارگيٽ ڏنو، جڏھن تہ شمس ڪرڪيٽ اڪيڊمي طرفان بھترين بالنگ ڪندي اڪرم راڄڙ 2 وڪيٽون، گل محمد 2 وڪيٽون ورتيون جواب ۾ بيٽنگ ڪندي شمس ڪرڪيٽ اڪيڊمي 17 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنسون ٺاھي ميگا ايوينٽ فائينل کٽي ورتو جنھن ۾ بھترين بيٽنگ ڪندي عاشق سولنگيءَ 65 رنسون ٺاھي ناٽ آئوٽ ۽ گل محمد سولنگي 25 رنسون ٺاھي ميچ کٽي ورتو، ونر ٽيم شمس ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ڪيپٽن عرفان علي راڄڙ کي چيف گيسٽ ڊسٽرڪٽ عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽيءَ جي سي ايم او ساجد علي شاھ ٽرافي ۽ 15 ھزار ڪيش رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي طرفان ڏنا، رنر ٽيم رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ڪيپٽن اسد خان ڀرڳڙيءَ کي رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي طرفان رنر ٽرافي 10 ھزار رپيا نقد ايوارڊ ۽ ٻيا انعام روٽري ڪلب جي صدر منآب شاھ، غفار ناگوري، محمد زمان کوسو، شبير شاہ ۽ ٻين ڏنا، مئن آف دي ميچ عاشق سولنگيءَ کي ڏنو ويو مئن آف دي سيريز انيل ڪمار ڪولھي کي ڏنو ويو روٽري ڪرڪيٽ ڪلب طرفان مئن آف دي ميچ مئن آف دي سيريز ۽ کٽندڙ ھاريندڙ ٽيمن کي نقد انعام روٽري ڪلب امراڻو جي صدر منآب شاھ ڏنا، آخر ۾ رانديگرن ۽ شائقينن کي خطاب ڪندي سي ايم او ساجد علي شاھ چيو تہ قائد اعظم انڪلوزر ۽ علي مردان شاھ انڪلوزر جلد ٺھرايا ويندا ۽ ماروي گرائونڊ جي مئن گيٽ اندر سائين دادا شاھ ۽ سائين ڏاڏا شاھ مراد شاھ انڪلوزر پڻ ٺھرايا ويندا آئون صوبائي وزيرتعليم سيد سردار علي شاھ کي ۽ ايم پي اي سيد امير علي شاھ کي خود ذاتي ڪوششن سان ملندس ۽ اھي اسپورٽس انڪلوزر ٺھرائي ڏبا رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي ڪامياب ٽورنامينٽ ڪرايو آھي ان تي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ يوٿ افيئر ڊپارٽمينٽ کان پڻ فنڊ فراھم ڪرائي ڏينداسين صحت مند سرگرميون جاري رکبيون ميونسپل ڪميٽيءَ عمرڪوٽ راندين جي لاءِ ھر ڪنھن سان سھڪار جاري رکندي تقريب کي چيف آرگنائيزر رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي خطاب ڪندي چيو تہ اسانجو ڪم آھي اسپورٽس جون صحت مند سرگرميون بحال ڪرائڻ، ٽورنامينٽ ڪرائڻ رانديگرن کي سھولتون فراھم ڪرڻ، ۽ سڀني کي گڏ کڻي ھلڻ، ھن چيو تہ گرائونڊ آباد رکبا نوجوان نشي کان بچندا جتي ڪرڪيٽ جا گرائونڊ آباد ھوندا آھن اتي اسپتالون ويران ٿينديون آخر ۾ تمام آيل مھمانن کي لويون اجرڪون رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي ۽ سندس پٽ عادل حسين رحيمداڻي طرفان پارايون ويون.
0 تبصرے