ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران ڪراچي-ٺٽو ڊبل روڊ تي حادثن ۾ واڌ سبب پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪي ٽي ڊي سي کي خط

سڀني حفاظتي قدمن بابت هڪ تفصيلي ايڪشن پلان ٻن ڏينهن اندر جمع ڪرايو وڃي: ڊي سي جو خط ۾ موقف

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران ڪراچي-ٺٽو ڊبل روڊ تي حادثن ۾ واڌ سبب پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪي ٽي ڊي سي کي خط

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران ڪراچي-ٺٽو ڊبل روڊ تي موتمار حادثن ۾ واڌ سبب پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪي ٽي ڊي سي کي خط جاري، صوبائي وزير جيل ۽ ورڪ سروسز سنڌ علي حسن زرداري، صوبائي وزير اوقاف، مذهبي معاملا، زڪوات ۽ عشر سيد رياض حسين شاهه شيرازي ۽ ايم اين اي صادق علي ميمڻ پاران ڪراچي ـ ٺٽو ڊبل روڊ تي موتمار حادثن ۾ واڌ تي شديد تشويش ۽ نوٽيس وٺڻ تي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو پنهنجي جاري ڪيل ليٽر ذريعي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪراچي-ٺٽو ڊوئل ڪيريج وي (ڪي ٽي ڊي سي) کي صلاح ڏني آهي ته روڊ جي سار سنڀال ۽ مرمت وارن ھنڌن تي نشان، اشارا ۽ ريفليڪٽر لڳائڻ سميت چوويھ ڪلاڪ تربيت يافته ٽرئفڪ مئنيجمينٽ اسٽاف جي مقرري جڏهن ته سڀني تعميراتي ھنڌن تي مناسب روشني جا انتظام ۽ اهم ھنڌن تي ايمرجنسي رسپانس يونٽن قائم ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪنهن به منصوبابندي، سار سنڀال ۽ مرمتي ڪم بابت اڳواٽ عوامي اطلاع ڏيڻ کي يقيني بڻايو وڃي، انهي. ليٽر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن سڀني حفاظتي قدمن بابت هڪ تفصيلي ايڪشن پلان ٻن ڏينهن اندر جمع ڪرايو وڃي. ياد رهي ته ڪراچي-ٺٽو ڊبل روڊ تي موتمار حادثن ۾ واڌ بابت سول سوسائٽي جي نمائندن پاران اٿاريل خدشن جو نوٽيس وٺندي ضلعي ٺٽي جي چونڊيل نمائندن صوبائي وزيرن علي حسن زرداري ۽ سيد رياض حسين شاهه شيرازي ۽ ايم اين اي صادق علي ميمڻ پاران ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سان هڪ هنگامي اجلاس منعقد ڪري حادثن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻن بابت ڳالھ ٻولھ ۽ ضروري ھدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ عوامي نمائندن تازن حادثن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضياع تي شديد ۽ گهري ڏک جو اظھار ڪيو، خاص طور تي ڌاٻيجي ويجهو افسوسناڪ موتمار حادثي ۽ روڊ جو ھڪ حصو بغير مناسب احتياطي تدبير جي بند ڪرڻ، نشانن، اشارن ۽ مناسب ٽرئفڪ انتظام جي غير موجودگي ۽ موڙ وارين پوائنٽن تي حادثن جي خطرن ۾ نمايان اضافي ۽ ٻين بار بار ٿيندڙ حادثن جو حوالو ڏنو ويو. اجلاس ۾ اڳواٽ عوامي اطلاع کان سواءِ روڊن جي بندش، ضروري حفاظتي قدمن جي غير موجودگي جهڙوڪ ريفليڪٽر، نشان ۽ رڪاوٽون، روڊ جي سار سنڀال جي ڪم جي خراب معيار جنھن سبب روڊ بار بار خراب ٿئي ٿو ۽ تعميراتي علائقن ۾ روشني جي نا مناسب انتظامن بابت خدشن جو اظھار ڪيو ويو. اجلاس ۾ مناسب ڊائيورشن نشانين ۽ روٽ ٺاھڻ وارن جي کوٽ، اهم هنڌن تي تربيت يافته ٽرئفڪ مئنيجمينٽ عملي جي غير موجودگي، رات جي وقت حفاظتي عملي جي ناڪافي مقرري ۽ ايمرجنسي رسپانس ميڪانزم جي کوٽ کي پڻ اجاگر ڪيو ويو.