English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ مختلف علائقن ۾ روڊ حادثا، 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت
views
|
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ مختلف علائقن ۾ روڊ حادثا، 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت، ميمڻ ڳوٺ ويجهو ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، موٽروي ڪمپني جو آفيسر فوت، سپر هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالرموٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، درساڻو ڇنو جون 2 عورتون فوت، هڪ زخمي، ڊرائيور فرار، فوتي عورتن ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل، گهر ۾ روڄ راڙو، علائقي ۾ سوڳ، ٻئي پورهيت عورتون بحريه ٽائون ۾ پورهيو ڪري گهر اچي رهيون هيون ته حادثي جو شڪار ٿي ويون، وارث، تفصيل موجب ملير ۾ مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ 2 عورتن سميت 3 فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيا ان حوالي سان ڪالھ ميمڻ ڳوٺ ويجهو ملير ندي پل وٽ ٽرالر ڪار کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽروي ڪمپني جو آفيسر 35 ورهين جو تيمور پٽ نثار سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ الطبري اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو واقعی جی اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي ٻئي طرف سپر هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ درساڻو ڇنو جون 2 عورتون سکان خاصخيلي ۽ مجنا خاصخيلي فوت ٿي ويون جڏهن ته هڪ ڄڻو دوست محمد خاصخيلي زخمي ٿي پيو ان دوران ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد فوتي عورتن ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو واقعي جي اطلاع تي گهر ۾ روڄ راڙو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ پکڙجي ويو وارثن ٻڌايو ته فوتي عورتون بحريه ٽائون ۾ پورهيو ڪنديون هيون جتان گهر واپس ايندي حادثي جو شڪار ٿي ويون آهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
موٽر سائيڪل
0 تبصرے