فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جون فوري طور چونڊون ڪرائڻ لاءِ تحريڪ جو اعلان

1945ع ۾ جوڙيل سوسائٽي کي موجوده وقت ۾ روزاني 40 کان 50 لک ڪميشن ملي ٿي جنهن جو حساب ڪتاب ڪونهي: مجيد موٽاڻي ۽ ٻيا

فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جون فوري طور چونڊون ڪرائڻ لاءِ تحريڪ جو اعلان

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي مهاڻن، واپارين ۽ مول هولڊرن طرفان مهاڻن جي ڀلائي لاءِ قائم فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جون فوري طور چونڊون ڪرائڻ ۽ سوسائٽي ۾ ڪرپشن جي خاتمي، ماهيگرن جي ميمبرشپ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ مرحلي وار تحريڪ هلائڻ جو اعلان، 1945 ۾ جوڙيل سوسائٽي کي موجوده وقت ۾ روزاني 40 کان 50 لک ڪميشن ملي ٿي جنهن جو حساب ڪتاب ڪونهي، 1984 کان نج11 هزار 2 سئو 83 جي ميمبرشپ ڪيل آهي جن مان هنن 40 سالن دوران 5 هزار ميمبر فوت ٿي چڪا آهن فوري طور نئين ميمبرشپ مڪمل ڪري چونڊون ڪرائي سوسائٽي کي مهاڻن جي حوالي ڪيو وڃي، صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه مهاڻن جي دانهن ورنائي مدد ڪري، مهاڻن جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن مجيد موٽاڻي، حاجي فيروز لال واڻي، ڊاڪٽر محمد يوسف، شھزاد ڄاموٽ ۽ حاجي يوسف مول واري جي گڏيل پريس ڪانفرنس، ٿفصيل موجب ڪراچي جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ مهاڻن، واپارين ۽مول هولڊرن پاڪسات فشر فوڪ فورم جي مجيد موٽاڻي، کڏي مان فشرمين بندري جمائٽ جي حاجي فاروق لالواڻي، بابا جزيري مان شريف لاکاڻي، ڀٽ ٻيٽ مان ڊاڪٽر يوسف، ابراهيم حيدري مان شھزاد ڄاموٽ، فشريز مان حاجي يوسف مول واري عوامي پريس ڪلب ملير ۾ گڏيل هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي مهاڻن جي ڀلائي لاءِ قائم فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ فوري طور چونڊون ڪرائي سوسائٽي ۾ ڪرپشن جي خاتمي، ماهيگرن جي ميمبر شپ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ مرحلي وار تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي هنن چيو ته 1945 ۾ جوڙيل سوسائٽي کي موجوده وقت ۾ روزاني 40 کان 50 لک ڪميشن ملي ٿي جنهن جو ڪوبه حساب ڪتاب ڪونهي غريب نياڻين جي مالي مدد بند ڪينسر سبب ڪيترائي ئي مريض بنا علاج جي فوت ٿي ويا آھن مهاڻن جي ڪابه واهر نٿي ٿي هنن چيو ته 1984 کان نج11 هزار 2 سئو 83 جي ميمبرشپ ڪيل آهي جنهن مان هنن 40 سالن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ميمبر فوت ٿي چڪا آهن فوري طور نئين ميمبرشپ مڪمل ڪري چونڊون ڪرائي سوسائٽي کي مهاڻن جي حوالي ڪيو وڃي سوسائٽي جي جوڙيل منشور ۽ ائين تي عمل نه ڪري سوسائٽي کي واڳوئن ۽ مافيائن حوالي ڪيو ويو آهي جيڪڏهن اسان مهاڻن جو جائز مطالبو پورو ڪري فشريز تي مڙهيل ڪرپٽ ماڻهن کي هٽائي چونڊون نه ڪرايون ويون ته ان جا نتيجا خطرناڪ نڪري سگهن ٿا هنن ملڪ جي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته هو فشر مينز ڪو آپريٽو سوسائٽي ۾ مداخلت ڪري فوري طور چونڊون ڪرائڻ جاحڪم جاري ڪن ڇا ڪاڻ ته سنڌ جي سامونڊي پٽي تي آباد لکين مهاڻا پ پ جا ئي ووٽر آهن