سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي پراڻي ڏيتي ليتي تان جهيڙي دوران فائرنگ
ڪشمور(دلبر جاني )سنڌ پنجاب دنگ لڳ ماڇڪا ٿاڻي جي حد سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي پراڻي ڏيتي ليتي تڪرار تان جھيڙو فائرنگ فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو زخمي ۽ ھڪ فوت، ڪشمور جي سنڌ پنجاب سرحدي دنگ وٽ ڳوٺ محمد امين سولنگي ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي پراڻي ڏيتي ليتي تڪرار تان جھيڙو فائرنگ فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 نوجوان ڌڻي بخش ولد شاھ بخش سولنگي ۽ صابر علي ولد شاھ بخش سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي رحيميار خان منتقل ڪيو جتي هڪ زخمي ڌڻي بخش زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي پئسن جي پراڻي ڏيتي ليتي تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ تڪرار تان هڪ ڌر فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن ڌڻي بخش ۽ صابر سولنگي کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو زخمين کي سول اسپتال ڪشمور آندو ويو زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب زخمين کي ڪشمور کان رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو. زخمين ۾ نوجوان ڌڻي بخش سولنگي رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته اھڙي اطلاع ملڻ تي گھر اندر ڪھرام مچي ويو. واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو ۽ نه وري پنجاب پوليس واقعي واري ھند پھچي سگهي زريعن موجب ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورت حال ھلندڙ آهي پراڻي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿيو جنهن سبب هڪ نوجوان فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو ڌريون مورچا بند وڌيڪ چوڻا ريزي جو خطرو
0 تبصرے