عمرڪوٽ ۾ آل سنڌ الحاج سيد علي مردان شاھ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري

رحمداڻي اڪيڊمي 20 اوورن ۾ 218 رنسون ٺاھيون, سومرا اليون ڇور 137 رنسڻ تي ڍير

عمرڪوٽ ۾ آل سنڌ الحاج سيد علي مردان شاھ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ الحاج سيد علي مردان شاھ ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ عمرڪوٽ ماروي گرائونڊ تي ھلندڙ پھرين بيٽنگ ڪندي رحمداڻي اڪيڊمي 20 اوورن ۾ 218 رنسون ٺاھيون جنهن ۾ انيل ڪمار 70 رنسون تابش خاصخيلي 60 رنسون ۽ علي رضا 36 رنسون ٺاھي نمايان رھيا سومرا اليون جي بالر سجاد 2, وڪيٽون حاصل ڪيون جواب ۾ سومرا اليون ڪرڪيٽ ڪلب ڇور 137 رنسون ٺاھي سگھي رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي عمرڪوٽ 80 رنسن تان ميچ کٽي ورتو مين آف دي ميچ جو ايوارڊ رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي آل رائونڊر انيل ڪمار کي ڏنو ويو سومرا اليون ڪرڪيٽ ڪلب ڇور جي ذيشان سومرو 51 رنسون ذنيشان انڙ 30 رنسون ٺاھي نمايان رھيا رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي طرفان بھترين بالنگ ڪندي ڪاشف ڪنڀر ۽ پرڪاش 2/2 وڪيٽون حاصل ڪيون ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ ھڪ ٻئي ميچ ۾ تاج ڪرڪيٽ اڪيڊمي 173 رنسون ٺاھيون جنهن ۾ اويس علي اڪيلي سر شاندار بيٽنگ ڪندي 105 رنسون ٺاھيون جيڪا به تاج اڪيڊمي کي فتح نه ڏياري سگھيو جواب ۾ سٽي اليون ڪرڪيٽ ڪلب 174 رنسون ٺاھي ميچ کٽي ورتو جنهن ۾ عمان 50 رنسون وڪي 49 رنسون ۽ نادر علي 45 رنسون ٺاھي نمايان رھيا مين آف دي ميچ جو ايوارڊ سٽي اليون ڪرڪيٽ ڪلب جي بيسٽمين عمان کي ڏنو جنهن تيز ترين ففٽي ھنڻي ميچ کٽڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ـ