English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جو جلسو، نوان ڪئنال ۽ سنڌ جون زمينون ڪمپنين کي ڏيڻ وارا فيصلا رد
282 views
|
12th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ ٿر جون زمينون نيلام ڪرڻ واري حڪم نامو صدارتي ھائوس ۾ جاري ٿيو آھي: سيد زين شاهه
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ جي ڊي اي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪمپني جي حوالي ڪرڻ خلاف نڪتل بيداري مارچ عمرڪوٽ پهتو، وک وک تي آجيان، جلسو، سنڌو درياھ تي ٺھندڙ ڪئنالن کي ۽ سنڌ جي زمينن کي ڪمپنين کي فوري طور تي رد ڪرڻ جو مطالبو تفصيل موجب سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف نڪتل بيداري مارچ ڪالھ عمرڪوٽ پُھتو جتي پريس ڪلب آڏو جلسو پڻ ٿيو جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي صدر پير صدرالدين شاھ راشدي چيو ته اسان سامراج اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو اسان ڪنڌ ڪپائي سگھون ٿا پر پوئتي نه هٽنداسين سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪري پ پ وارا ثابت ڪن ته اھي سنڌ سان گڏ آھن ھن چيو ته سنڌو درياھ تي ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا بيداري مارچ جو مقصد سنڌ جي وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن بابت عوام کي سڄاڳ ڪرڻ لاء عمرڪوٽ پُھتا آھيون ان ڪري عوام کي گھر گھر وڃي سنڌ جي وسيلن بابت ھلندڙ تحريڪ ۾ وڌ کان وڌ ماڻھو شامل ٿين سنڌ يونائٽيڊ پارٽي سنڌ جي صدر سيد زين شاھ چيو ته سنڌو دريا سنڌ جي سڃاڻپ آھي سنڌو ڪروڙين سنڌ جي ماڻھن جو روزگار آھي ھن چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ ٿر جون زمينون نيلام ڪرڻ واري حڪم نامو صدارتي ھائوس ۾ جاري ٿيو آھي ھن چيو ته سنڌ پاڪستان جو حصو آھي اسان سنڌ وسيلن تي ملي ڀڳت ڪري سوڌو ڪرڻ نه ڏينداسين ھن چيو ته تحريڪ باوجود غيرقانوني ڪئنالن جو زوري ڪم شروع ٿي چڪو آھي عوام ھوشياري وٺو تحريڪ جو حصو بڻجو ته سنڌ جا وسيلا بچايون ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته دريا سنڌ اسان جو رت آھي جنھن کي بند ڪرڻ تباھ ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻائينداسين سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو نامظور ڪيون ٿا ڊاڪٽر مسرور سيال چيو ته سنڌ وسيلن خاطر عمرڪوٽ جي عوام ڀرپور ساٿ ڏنو آھي رڳو سنڌو درياھ يا زمينن جو مسئلو ناھي ھي سنڌ جي عوام ثاليميت جو مسئلو آھي ھن چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ حڪومت سنڌ تباھ ۽ برباد ڪرڻ جو فارمولو جوڙيو آھي جيئي سنڌ معاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته 17 سالن کان پ پ حڪومت عوام جي خدمت بجاء زحمت بڻجي حڪومت جي آڙ ۾ ڪرپشن ڪئي پير پاڳاري سان گڏ سنڌ وسيلن کي بچائڻ نڪتا آھيون اڳوڻي پي ٽي آئي ايم اين اي لال مالھي چيو ته سنڌو درياھ تي ڌاڙو ۽ ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي ويران ڪرڻ جي سازش آھي سنڌ جي عوام کي ڪنھن به صورت ۾ اھو قبول نه آھي سنڌ جي زمين کي کپائڻ نه ڏينداسين اڄ سنڌ جي عوام وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي اھو ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته سنڌو تي ڪئنال ڪڍڻ نه ڏنا ويندا جڏھن ته جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظھر راھوجو، روشن ٻرڙو، آزاد امير پنھور، وڪيل ڀاڳچند ڀيل، فقير غلام نبي منڱريو، فقير خضر حيات منڱريو، فقير محب منڱريو، ايس يو پي اڳواڻن روشن منڱريو، حاجي ساند، گل بجير سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ
سيد زين شاهه
0 تبصرے