ملير: رزاق آباد ۾ بي ايس آءِ جي قسط وٺندي پيرسن عورت بيهوش، عملي خلاف احتجاج

عملي پاران مبينه ڌڪو ڏيڻ سبب پيرسن عورت ڪري بيهوش ٿي وئي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

ملير: رزاق آباد ۾ بي ايس آءِ جي قسط وٺندي پيرسن عورت بيهوش، عملي خلاف احتجاج

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان پئسا وصول ڪندي عملي طرفان مبينه ڌڪو ڏيڻ سبب پيرسن عورت ڪري بيهوش، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل، عملي جي اڌنگي روش خلاف حقدار عورتن جو احتجاج، عملو غريب عورتن کان پئسا اوڳاڻڻ لاء سموري انساني اخلاقي حدون اورانگي ويو آھي تذليل معمول بڻيل آھي بي انتها رش سبب عورتون پاڻ هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏين ٿيون ان ۾ اسان جو ڪو به ڏوھ ناهي پئسن جي اوڳاڙي الزام آھي عملي جون ڳالھيون، تفصيل موجب رزاق آباد ڊگري ڪاليج ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مرڪز مان پئسن جي قست وصول ڪندي عملي طرفان مبينه ڌڪو ڏيڻ سبب پيرسن عورت ڏاڪڻين تان ڪري بيهوش ٿي ويئي جنهن کي فوري طور ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو واقعي کانپوء عورتن ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر پکڙجي ويئي ۽ هنن عملي تي الزام هڻندي چيو ته عملو غريب عورتن کان پئسا اوڳاڻڻ لاء سموري انساني اخلاقي حدون اورانگي ويو آھي تذليل معمول آھي اڄ به پئسن جي ڏيتي ليتي تان پيرسن عورت کي ڌڪو ڏيئي ڪيرايو ويو آھي جيڪا سمورين عورتن جي بيعزتي آھي عورتن احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن جي وصولي کي آسان بڻايو وڃي ۽ بداخلاق عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي عملي جو چوڻ آھي ته بي انتها رش سبب عورتون پاڻ هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏين ٿيون ان ۾ اسان جو ڪو به ڏوھ ناهي پئسن جي اوڳاڙي الزام آھي