عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري، ڪراچي جي ٽيم پاران رحيم يار خان جي ٽيم کي شڪست، محمد صابر مين آف دي ميچ

عمرڪوٽ ۾  ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري، ڪراچي جي ٽيم پاران رحيم يار خان جي ٽيم کي شڪست، محمد صابر مين آف دي ميچ

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ماروي اسٽيڊيم عمرڪوٽ ۾ ھلندڙ آل سنڌ ۽ پاڪستان قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو اڄ آخري رائونڊ ميچ اتفاق ڪرڪيٽ ڪلب رحيم يار خان پنجاب ۽ قاسمي ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ وچ ۾ کيڏيو ويو پھرئين بيٽنگ ڪندي قاسمي ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ 25 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 310 رنسون ٺاھيون بھترين بيٽنگ ڪندي قاسمي ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ جي رانديگر محمد صابر 108 رنسون ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيو، اپو 58 ۽ نعمان بلوچ 35 رنسون ٺاھي نمايان رھيا، اتفاق ڪرڪيٽ ڪلب رحيم يار خان طرفان بلطرتيب بالنگ ڪندي سراج، حظيفہ، ياسر ٻہ ٻہ وڪيٽون ورتيون جواب ۾ بيٽنگ ڪندي اتفاق ڪرڪيٽ ڪلب رحيم يار خان پنجاب 24 اوورن ۾ 269 رنسون ٺاھي آل آئوٽ ٿي وئي جنھن ۾ نون 54 رنسون محمد عمر 40 سراج 39 رنسون ٺاهي نمايان رھيا مين آف دي ميچ جو ايوارڊ آرگنائيز رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ سيڪريٽري المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب رسول بخش رحيمداڻي قاسمي ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ جي بھترين سينچري ميڪر محمد صابر کي ڏنو ويو جڏھن تہ اڄ الشھباز ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻه ۽ جيم خانه ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ وچ ۾ کيڏيو ويندو.