نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ حڪيم مانڱڙو واسي ڳوٺاڻن جو وڏيري ۽ پوليس خلاف احتجاج

نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ حڪيم مانڱڙو واسي ڳوٺاڻن جو وڏيري ۽ پوليس خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ حڪيم مانڱڙو جي رهواسين جو بااثر وڏيري ۽ پوليس جي ظلمن خلاف خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهنڊ جي اڳواڻي مير محمد مانڱڙو، امتياز علي، نديم علي مانڱڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو اسان غريب مسڪين وڏيرن جي زمين ڪاهي پيٽ جو گذر ڪندا آهيون ۽ ابن ڏاڏن کان وٺي سندن غلامي ڪندا پيا اچون هاڻي وڏيرا زمين ڪاهڻ کان روڪي رهيا آهن جن گذريل ڏينهن اسان تي چوري ڪرڻ جو الزام مڙھي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي هنن چيو ته نوشهروفيروز پوليس وڏيرن جي ونگارو بڻجي اسان جي ٽن ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪري کنڀي وئي آهي جن مان هڪ ڄڻي يار محمد مانڱڙو جي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي باقي ٻن ڄڻن بادل مانڱڙو ۽ سندس پٽ فاروق کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد اسان عدالت سڳوري کي درخواست ڏني جنهن بعد ٿاڻي تي ڇاپو هنيو ويو پر ٻئي نوجوان پوليس لڪائي ڇڏيا آهن هنن جيڪي ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪا وڏي زيادتي آهي هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ وڏيرن جي ونگارو ايس ايڇ او منعم لاڙڪ کي هٽايو وڃي