سنڌ ۾ ٽول ٽيڪس جو معاملو هڪ اهم ۽ حساس موضوع بڻجي چڪو آهي، جيڪو وفاقي پاليسين، معاشي ورهاست ۽ صوبائي حقن بابت گهڻ رخي بحث کي جنم ڏئي ٿو. هي معاملو نه صرف سنڌ جي عوام جي زندگيءَ تي اثرانداز ٿئي ٿو پر ان سان گڏ وفاقي حڪومت جي پاليسين تي به سوال اٿاري ٿو.
ٽول ٽيڪس جو قيام: قانون ۽ اصول ڇا ٿا چون؟
ٽول ٽيڪس جو بنيادي مقصد شاهراهن جي مرمت، حفاظت ۽ ترقي لاءِ مالي وسيلن جو انتظام ڪرڻ آهي. پاڪستان ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) ۽ صوبائي ٽرانسپورٽ ادارا ٽول ٽيڪس جي پاليسين ۽ وصولي جا ذميوار آهن.
قانوني طور تي:
هاءِ ويز ايڪٽ 1956 ۽ NHA آرڊيننس 1991 جي تحت ٽول ٽيڪس جي وصولي جا اصول مقرر ٿيل آهن. هي ٽيڪس شاهراهن تي سفر ڪندڙ گاڏين کان حاصل ڪيو وڃي ٿو ته جيئن انهن شاهراهن جي سار سنڀال ڪئي وڃي. ٽول ٽيڪس صرف انهن شاهراهن تي لاڳو ٿئي ٿو، جيڪي وفاقي يا صوبائي حڪومتن پاران هلندڙ ۽ ٺاهيل آهن.
قانوني پروٽوڪول جي پاسداري ۽ شفافيت:
ٽول ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وقت پروٽوڪول جي پاسداري انتهائي اهم آهي، قانون مطابق ٽول ٽيڪس مان گڏ ٿيندڙ رقم:
1. ان مخصوص شاهراهه يا علائقي جي ترقياتي منصوبن لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجي.
سپر هاءِ وي (M-9)، نيشنل هاءِ وي (N-5)، ۽ ٻين رستن تي ٽرئفڪ جو دٻاءُ مسلسل وڌي رهيو آهي، جنهن سان سنڌ جي شاهراهن جي حالت خراب ٿي رهي آهي.
3. شاهراهن جي حالت:
سنڌ جون ڪيتريون ئي شاهراهون خستہ حالت ۾ آهن، جن جي مرمت لاءِ فنڊ ڪونهي، جڏهن ته ٽول ٽيڪس مسلسل وڌائي پئي وڃي.
سنڌ جا خدشا ۽ حق:
سنڌ ۾ ٽول ٽيڪس جي غير منصفاڻي ورهاست سبب عوام ۾ ڪيترائي خدشا آهن.
انصاف جو سوال:
ٽول ٽيڪس جو وڏو حصو وفاقي خزاني ۾ وڃي ٿو پر سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نٿا ڪرايا وڃن.
شاهراهن جي صورتحال:
ٽيڪس وصولي باوجود سنڌ ۾ شاهراهن جي مرمت ۽ بحاليءَ تي نه هئڻ برابر خرچ ڪيو وڃي ٿو.
مٽياري ۾ نئون ٽول ۽ عوامي ردعمل:
تازو مٽياري ضلعي ۾ هڪ نئون ٽول ٽيڪس قائم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ٽرانسپورٽ ڪاروبار ڪندڙن ۽ عوام ۾ شديد ناراضگي پکڙيل آهي، جڏهن ته مقامي ٽرانسپورٽرز ۽ واپارين هن فيصلي کي غير منصفاڻو قرار ڏئي مظاهرا پڻ ڪيا آهن.
عوام ۽ ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته نئون ٽول ٽيڪس سندن ڪاروبار لاءِ وڌيڪ خرچ ۽ عام ماڻهن لاءِ مهانگائيءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي.
ممڪن حل ۽ تجويزون:
سنڌ ۾ ٽول ٽيڪس جي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏنل تجويزن تي نظرثاني جي اشهد ضرورت آهي.
1. منصفاڻي پاليسي جهڙوڪ:
ٽول ٽيڪس جي شرح کي سڀني صوبن لاءِ برابر ڪيو وڃي ۽ رقم جي ورهاست ۾ شفافيت آندي وڃي.
2. فنڊ جي مناسب ورهاست:
سنڌ مان گڏ ٿيندڙ ٽول ٽيڪس جو وڏو حصو سنڌ جي شاهراهن تي خرچ ڪيو وڃي.
3. عوام جي آگاهي:
ٽيڪس جي استعمال بابت عوام کي ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اعتماد بحال ٿئي.
4. شاهراهن جي مرمت ۽ ترقي:
وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي سنڌ جي شاهراهن جي مرمت ۽ بحالي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي.
حاصل مقصد:
ٽول ٽيڪس جو مسئلو سنڌ جي عوام لاءِ هڪ اهم سوال بڻجي ويو آهي. هي معاملو نه صرف معاشي پر سماجي ۽ سياسي به آهي. سنڌ ۾ شاهراهن جي حالت، ٽول ٽيڪس جي غير منصفاڻي ورهاست ۽ شفافيت جي کوٽ انهن شڪايتن کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هن مسئلي تي فوري ڌيان ڏئي، هڪ منصفاڻو نظام قائم ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٽول ٽيڪس جو اصل مقصد حاصل ٿي سگهي ۽ عوام جا حق محفوظ ٿي سگهن.
0 تبصرے