عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو دنگل جيم خانه ڪراچي کٽي ورتو

فائيل ۾ عبدالله شاهه ڪلب ڀان سيد آباد 187 رنسن تي ٽائون، جيم خانه ڪراچي هدف آرام سان مڪمل ڪري ورتو

عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو دنگل جيم خانه ڪراچي کٽي ورتو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ماروي اسٽيڊيم عمرڪوٽ ۾ آل سنڌ ۽ پاڪستان قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو فائنل جيم خانہ ناظم آباد ڪراچي کٽي ورتو، چيف گيسٽ ۽ مهمان خاص پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ جي صدر ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه، ونر ٽيم جي ڪپتان کي نقد انعامات ۽ ڪپ ڏنو، اسپانسر حاجي خالد سراج سومرو .آرگنائيزر رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ سيڪريٽري المهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب رسول بخش رحيمداڻي، تاج محمد ڊي او، محمد عيسي ناگوري، رمیش ٿري ۽ ٻين جو شڪريو ادا ڪيو جن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ کي چار چنڊ لڳايا، خبر موجب آل سنڌ ۽ پاڪستان قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي عبداللہ شاهه ڪرڪيٽ ڪلب ڀاڻ سعيد آباد ٽيم 187 رنس ٺاھي آل آؤٽ ٿي وئي، جنهن ۾ عبيد ستار 44 رنسون ۽ اڪبر خان 42 رنسون ٺاھي نمايان رهيا، جواب ۾ بیٽنگ ڪندي جيم خانہ ناظم آباد ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي 188 رنسون ٺاهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ کٽي ورتو، جنهن ۾ مين آف دي سيريز ڪراچي جي حيدر بنگش، بيسٽ بيٽسمين صدام علي، ۽ ڪراچي ونر ٽيم جي ڪپتان کي هڪ لک رپيا انعام ڏنو ويو، عبداللہ شاهه ڪرڪيٽ اڪيڊمي رنر ٽيم کي 50 هزار رپيا انعام ڏنو ويو، شهزاد علي ادھیپوري پاران مختلف رانديگرن کي 80 هزار رپين جا انعام ڏنا ويا ۽ سيٺ حاجي قربان علي ادھیپوري پاران پوري ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ مختلف ميچن ۽ فائنل سميت بالرز، بيٽسمينز ۽ ڪاميٽيٽرن کي 2 لک رپيا نقد انعام ڏنا ويا، چيف گيسٽ پيپلزپارٽي ضلع عمرڪوٽ جي صدر ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فخر ايشيا قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم اڳواڻ هو، جيڪو اڄ به عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو، ڪامياب ٽورنامينٽ ڪرائڻ تي آئون آرگنائيزر رسول بخش رحيمداڻي ۽ تاج محمد ڊي او کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جن دل سان ڪم ڪيو، ان موقعي تي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو، ان موقعي تي هزارين شائقينن ڊاڪٽر نور علي شاهه جو استقبال ڪندي تاڙيون وڄايون، تقريب ۾ سامارو نیشنل پريس ڪلب جي صدر ڊاڪٽر ايل ڪي واگھاڻي، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي نوجوان صحافي اسد علي ڀرگڙي، وقاص يوسفزئي، ڪرشنا ڪمار مالھي، سورج ڪمار مالھي، سوائي مل رکیسر، سيٺ دليپ مولچنداڻي ۽ ٻيا مهمان موجود هئا.