ٺٽو: پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ لاءِ احتجاجي مظاهرو

ٺٽو: پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ لاءِ احتجاجي مظاهرو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) بٺورو جي رھواسي عيدو ولد ڪريم ڏنو ملاح پنھنجي زال عذرا ڌي نياز ملاح سان گڏ عوامي پريس ڪلب مڪلي تي پھچي پريس بيان وسيلي چيو آھي تہ ھنن ٻنھي ڄڻن رضا خوشي ۽ مرضي سان سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي،ھنن چيو تہ اسان رضا خوشي سان شادي ڪئي آھي پر ھاڻ عذرا جا مائٽ بشير ولد حاجي ملاح ۽ جميل، بچايو ملاح مان اسان کي خطرو آھي.ھو اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن،ھنن ڊي آئي جي حيدرآباد کان تحفظ فراھم ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي.