ملير ۾ پنجن جوابدارن پاران نوجوان ناري سان اغوا ڪرڻ بعد اجتماعي زيادتي، 3 گرفتار

جوابدارن اغوا ڪرڻ بعد اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد کوهه ۾ اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي: ناري

ملير ۾ پنجن جوابدارن پاران نوجوان ناري سان اغوا ڪرڻ بعد اجتماعي زيادتي، 3 گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ 5 جوابدارن پاران نوجوان ناري سان مبينه اجتماعي زيادتي جو انڪشاف، 3 جوابدار گرفتار 2 آزاد، زيادتي جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي، اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻيل ناري کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون، مون سان زيادتي ڪئي وئي آهي بااثر ماڻهو ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌٻاءُ وجهي رهيا آهن، ناري جون صحافين اڳيان دانهون تفصيل موجب : 6 نومبر تي ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ 5 جوابدارن پاران مينهن جي واڙي اندر ناري سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي جوابدارن ناري کي زيادتي جو نشانو بڻائي کوھ ۾ اڇلائڻ جي به ڪوشش ڪئي جتان هو فرار ٿي وئي ان سلسلي ۾ زيادتي جو نشانو بڻيل ناري صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته مون سان 5 جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪئي آهي جنهن کانپوءِ مون هنن مٿان ڪيس داخل ڪرايو آهي ته بااثر ماڻهو ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ڪيس جي وڪيل ڪُبري جوکيو جو چوڻ هو ته ناري سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي ساڻس انساني ناتي گڏ آهيون پوليس لاپرواهي ڪئي آهي انسانيت خاطر ڪيس وڙهي رهي آهيان جوابدارن کي سخت سزائون ڏيارڻ لاءِ شفاف جاچ ڪرائڻ لاءِ جاچ پوليس جي ايس ايس سان مليا آهيو ٻي طرف ايس ايس پي انويسٽيگيشن سيد سليم شاھ جو چوڻ هو ته هي وڏو ظلم آهي گينگ ريپ ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي 3 جوابدار گرفتار آهن 2 ضمانت تي آهن ميڊيڪل رپورٽ بعد عدالت کي جوابدارن خلاف سخت سزائون ڏيڻ جي اپيل ڪنداسين.