English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪئنال منصوبو سنڌو درياھ ۽ زرعي معيشت تي خوني حملو آھي: اياز لطيف پليجو
40 views
|
03rd Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي، ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ وارو عمل برداشت نہ ڪيو ويندو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عمر ڪوٽ ضلعي جي 14 ھزار ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين کي ڏيڻ جي مذمت ڪندي چيو تہ ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ وارو عمل برداشت نہ ڪيو ويندو. سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي.ڪئنال منصوبو سنڌو درياھ ۽ زرعي معيشت تي خوني حملو آھي. جمھوريت جو نعرو پيپلز پارٽي جا ھاٿي وارا ڏيکارڻ وارا ڏند آھن. زرداري ٽولو اقتدار لاءِ سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون کپائي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي لٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي 17 سالن کان مسلط ڪيو ويو آھي. اليڪشن نظام يرغمال آھي. ڪٺ پتلي حڪمران مڙھي من پسند فيصلا ورتا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. ھڪ طرف پاڪستان عالمي طاقتن جي گھيري ۾ آھي ٻئي طرف ڪرپٽ حڪمران بلوچستان ۽ سنڌ جا وسيلا لٽي رھيا آھن. سنڌ جو عوام رستن تي آھي. جدوجھد جي باھ جا شعلا بلند ٿيندا ته ڪرپٽ حڪمران ھلي نہ سگھندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جي نيلامي بند ڪئي وڃي. ميگا پروجيڪٽ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ادارن ۽ وفاق جي حوالي ڪرڻ قبول ناهي. پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار لاءِ سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وفاق حوالي ڪري تين وال ڪيا. سڄي سنڌ ۾ بي زمين ھاري خاندانن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 30 ايڪڙ في خاندان ۾ زمين مفت ورھائي ڏني وڃي تہ جيئن لکين خاندان پنھنجي پيرن تي بيھي سگھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت کي اھڙو ڪو اختيار ناھي جو سنڌو درياھ، سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪڻي. مختلف منصوبن جي نالن ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سان ناانصافي آهي سنڌ جو عوام ڪئنال، وسيلن ۽ زمينن قبضن خلاف جدوجھد ۾ شامل ٿئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے