مٺي ۾ نامياري دانشور پروفيسر نور احمد جنجهي جي اياز تي لکيل ڪتاب جي مهورتي تقريب

'ھڪڙو ماڻهو ڪافي آهي' جي مهورتي تقريب مقامي ھوٽل ۾ ڪوٺائي وئي

مٺي ۾ نامياري دانشور پروفيسر نور احمد جنجهي جي اياز تي لکيل ڪتاب جي مهورتي تقريب

مٺي (رپورٽر) غلام محمد جنجهي اوريڪل پاران نامياري دانشور پروفيسر نور احمد جنجهي جي اياز تي لکيل ڪتاب 'ھڪڙو ماڻهو ڪافي آهي' جي مهورتي تقريب مقامي ھوٽل ۾ ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ اديبن ۽ دانشورن پروفيسر جنجهي جي ڪتاب تي مختلف ٻولين ۾ لکيل مقالا پڙھيا ۽ ويچار ونڊيندي چيو ته نئين سال جي آجيان ھٿيارن جي ٺڪائن ۽ مئه جي محفل سجائڻ بجاءِ ڪتاب سان ڪرڻ ھڪ منفرد روايت آھي. نامياري اديب اشوڪ مجروح ڳالهائيندي چيو ته شيخ اياز دنيا جي چوٽيءَ جي شاعرن ۽ ڏاھن مان ھڪ ھو، سندس شاعري سنڌ ۾ مزاحمت ۽ روشن خياليءَ جي فڪر کي ھٿي ڏني، اياز پنهنجي فن ۽ ڏات ۾ تمام وڏو ماڻهو ھو هُن زماني جي ستم ظريفي سان سينو ساھي پنهنجو ڪم جاري رکيو،

هُن وڌيڪ چيو ته اياز جو ٿر سان فڪري ۽ روحاني تعلق ھو پروفيسر نور جنجهي اياز جي خوابن کي ھڪڙو ماڻهو ڪافي آهي جهڙو خوبصورت ٻولي ۽ شاندار تشبيهن تي مشتمل ڪتاب لکي حقيقي ويس پهرايو آھي. نوجوان اديب نظير ساهڙ شيخ اياز جي فڪري پورهئي جو تقابلي جائزو وٺندي چيو ته ادب جي ساھمي ۾ اياز جي فن جو پلڙو ھر دور ۾ ڀاري رھندو آيو آھي،

اياز آج به سڀني کي ياد آھي ۽ کيس پنهنجي نظريي تان ھٿ کڻائڻ وارا اڄ ڪنهن کي به ياد ناھن، هُن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته نور احمد جنجهي اياز شناسيءَ جو ھڪ اھم حوالو آھي هُو اياز جي شاعريءَ جي ھڪ ھڪ سٽ جو مفهوم سليس ٻوليءَ ۾ سمجهائي ٿو. نوجوان ليکڪ مِٺُو پرمار ويچار ونڊيندي چيو ته پروفيسر نور گذريل ھڪ ڏهاڪي کان نوجوانن کي اياز سان آشنا ڪرائڻ جي ڪامياب ڪوششون ڪري رهيو آهي

ھي ڪتاب به ان جي ڪڙي آھي. شو راساڻي ڍاٽڪي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جنجهي صاحب نوجوانن جي تخليقي ۽ ادبي صلاحيتن کي اُجاگر ڪرڻ ۽ کين لطيف ۽ اياز جي ڏسيل واٽ وٺڻ لاءِ اڪثر ھمٿائيندا رھن ٿا. ڪالم نويس نارائڻ نماڻي اردوءَ ۾ ۽ وڪرم ڪمار پارڪري ٻوليءَ ۾ اياز تي پروفيسر جي ڪيل پورهئي بابت ويچار ونڊيا. جڏھن ته پروفيسر ڀواني شنڪر ۽ پروفيسر معشوق بلوچ به پروفيسر نور احمد جي تازي ڇپيل ڪتاب ۽ سندس ادبي ڪارنامن تي گفتگو ڪئي. پروفيسر نور احمد خطاب ڪندي چيو ته اياز جي آئيڊيل سماج اڏڻ جي خوابن جي ساڀيان لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ ھر اھل ادب تي فرض آهي،

هُن چيو ته اياز دنيا جي ٻين خطن سان گڏوگڏ ٿر جي صحرا کي به پنهنجي شاعريءَ جا گوھر ارپيا آھن، هُن چيو ته ٿر اياز جي عشق جو محور ھو تنهنڪري اياز جي ان عشق کي عام ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي، پروفيسر مختلف ٻولين ۾ ڪتاب تي تبصرو ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي چيو ته اياز جي نظر ۾ ھر ٻولي کي پنهنجو جوھر آھي هُو ٻولين کي تهذيبي ۽ ثقافتي ڳانڍاپي جي پُل سمجهندو ھو. ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن سان توڙي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.