سجاول ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي ريلي، پبلڪ پارڪ وٽ ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

رهواسي خوف واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن: اڳواڻ

سجاول ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي ريلي، پبلڪ پارڪ وٽ ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

سجاول ( رپورٽر ) سجاول ضلع ۾ وڌندڙ بدامني خلاف طبقاتي جدوجهد، شهري اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران سجاول شهر جي پبلڪ پارڪ تي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي، نوازخان زنئور، نثارميمڻ، گل حسن رند، ڪامريٽ سڪندرزنئور، رشيدآزاد، ڪامريٽ غني زنئور، شفيع محمد زنئور ۽ ٻين چيو ته سجاول ضلع ۾ هڪ دفعو ٻيهر بدامني وڌي وئي آهي سجاول ضلع جا روڊ رستا ڏوهارين حوالي ٿي ويا آھن خاص طور تي سجاول ۽ بٺورو، پر افسوس سجاول پوليس اڃا تائين ڪوبه ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار ناهي، ڪامريٽ سڪندر زنئور کان موٽرسائيڪل ڦر وئي جنهن کي 11ڏينهن گذري ويا آھن اڃاتائين پوليس واپس ڪرائي نه سگهي آهي. هنن چيو سجاول ضلع ۾ وڌندڙ بدامني جي زميوار سجاول پوليس آھي جيڪا چورن خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري. شهري ڪوبه محفوظ نه ناهي رهيو شهري پاڻ غير محفوظ ٿا سمجهن. هنن ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي سجاول کي مطالبو ڪندي چيو ته ڪامريڊ سڪندر زنئور جي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي سجاول ضلع جي امن امان کي بحال ڪيو وڃي.