سائين جي ايم سيد اسان کي سنڌي ماڻھن سان پيار ڪرڻ ۽ سنڌ جي مالڪي ڪرڻ سيکاريو: صنعان خان قريشي

ڪير ڪھڙي به پارٽيء سان تعلق رکي ٿو جڏهن اسان سنڌ جي مسئلي تي گڏ ٿينداسين تڏھن ئي سائين جي ايم جي خواب کي اڳتي وڌائي سگھنداسين

سائين جي ايم سيد اسان کي سنڌي ماڻھن سان پيار ڪرڻ ۽ سنڌ جي مالڪي ڪرڻ سيکاريو: صنعان خان قريشي

سن: جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سن ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي 28 ورسي تي گڏ ٿيا آھيون جنهن اسان کي سنڌي ماڻھن سان پيار ڪرڻ سيکاريو جنھن اسان کي سنڌ ڏيکاري جنهن اسان کي سنڌ جي باري ۾ ٻڌايو ان رهبر جي نگري ۾ گڏ ٿي ڪري ان جي ورسيء جي موقعي تي اھو وچن ٿا ڪريون ته جيڪا تنھنجي عدم تشدد جي واٽ آھي جنهن تي شھيد بشير خان قريشي اسان کي ھلائي ويو آھي ۽ آخري دم تائين اسان ان واٽ تي ھلنداسين، مان سڀني کي اھو چوندس ڪير ڪھڙي به پارٽيء سان تعلق رکي ٿو اسان سنڌ جي مسئلي تي گڏ ٿينداسين تڏھن اسان سائين جي ايم جي خواب کي اڳتي وڌائي سگھنداسين سائين جيڪو خواب ڏٺو ھي ڌرتي خوشحال ھجي ھن ڌرتي جا مالڪ ۽ وارث خوشحال ھجن ھنن جو پنهنجي ڌرتيء تي حاڪم حڪمراني ھجي ھو پنهنجي ڌرتيء جا مالڪ ۽ وارث ھجن.