ملير: اسٽيل مل انتظاميه پاران واٽر سپلائي وٽ بيٺل وڻن جي واڍي شروع

ملير: اسٽيل مل انتظاميه پاران واٽر سپلائي وٽ بيٺل وڻن جي واڍي شروع

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل مل انتظاميا پاران اسٽيل ٽائون ۽ بلڪ واٽر سپلائي تي بيٺل قيمتي وڻن جي واڍي شروع, وڻن جا ٿڙ ۽ ڪاٺيون وڪرو ٿيڻ لڳيون، علائقي واسي ۽ پورهيت يونين اڳواڻن طرفان وڻن جي واڍي خلاف ڪارروائي جو مطالبو تفصيل موجب اسٽيل مل انتظاميا پاران اسٽيل ٽائون ۽ بلڪ واٽر سپلائي لڳ بيٺل قيمتي وڻن جي غير قانوني واڍي ڪري وڍيل بنڊ ۽ ڪاٺيون وڪرو ڪرڻ شروع ڪيڳن پيون وڃن جنهن خلاف علائقي واسي ۽ پورهيت يونين اڳواڻن سخت احتجاج ڪندي وڻن جي واڍي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته علائقي ۾ وڻڪاري سان سڃاتو ويندڙ اسٽيل ٽائون کي ماحول دشمن لالچي ماڻهن وڻن کان محروم ڪري قيمتي وڻڻ جي وڍي تيز ڪري ڇڏي آهي جنهن ماحولياتي کاتو ڪو به نوٽيس نٿو وٺي سماج سڌارڪ جو چوڻ آهي ته بلڪ واٽر سپلائي ۽ اسٽيل ٽائون جي رهائشي علائقي ۾ قيمتي وڻ لڳل آهن انهن جي وڍي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي وڻن جي واڍي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي