نوشهروفيروز ۾ محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر خالد شيخ پاران کليل ڪچھري منعقد

نوشهروفيروز ۾ محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر خالد شيخ پاران کليل ڪچھري منعقد

نوشهرو فيروز (ڊ ر) صوبائي محتسب اعلي محمد سھيل راجپوت ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي هدايتن تي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر خالد شيخ اڄ ضلعي اڪائونٽس آفيس نوشهروفيروز ۾ هڪ کليل ڪچھري جي صدارت ڪئي، ان موقعي تي ضلعي اڪائونٽس آفيسر حسن جان چنگيزي، ايڊيشنل اڪائونٽس آفيسر محمد اشرف آرائين ۽ ٻين سرڪاري کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا. کلي ڪچهري دوران ملازمن ۽ پينشنرز ناڻي کاتي جي ضلعي آفيس نوشھروفيروز خلاف پنهنجون شڪايتون داخل ڪرايون، ريجنل ڊائريڪٽر چيو تہ کلي ڪچھري ڪوٺائڻ جو مقصد اھو آھي تہ ناڻي کاتي بابت پگھارن، پينشن ۽ رھتن جي ادائيگي سولي نموني ٿئي ان جي باوجود اگر ڪنھن ملازم ۽ پينشنر کي ناڻي کاتي بابت ڪوبہ شڪايت آھي تہ کلي ڪچھري دوران يا ڪنھن بہ وقت منھنجي آفيس ۾ پنھنجي شڪايت درج ڪرائي سگھي ٿو اسان جي ڪوشش آھي تہ ملازمن ۽ پينشنرن کي سستو ۽ فوري انصاف ملي سگھي. ان موقعي تي ضلعي اڪائونٽس آفيسر جو چوڻ هو ته ھن وقت خزاني آفيس جو سيپ سسٽم بند آھي جيڪو 23 ڊسمبر 2024 تي کلندو. ھن چيو تہ ھن وقت وڌ وڌ کان شڪايتون ليڊي ھليٿ ورڪرن جي پيشن چالو ڪرڻ بابت آھن جڏھن تي صحت کاتي پاران اھڙيون واضح ھدايتون نہ مليون آھن تہ انھن جي پينشن شروع ڪئي وڃي. ان کان سواءِ پگھارن، پينشن ۽ رھت بلن جي ادائيگي جو ڪم صحيح طريقي سان ھلي رھيو آھي اگر ڪنھن بہ ملازم کي ڪابہ شڪايت ھجي تہ اھو منھنجي آفيس ۾ اچي مون سان رابطو ڪري ان جي جائز شڪايت جو ازالو ڪيو ويندو.