نوشهروفيروز (ڊ ر) ڪانٽريڪٽر ايسوسيئيشن جي حلف برداري تقريب نوشهروفيروز جي آڊيٽوريم هال ۾ ٿي جنهن ۾ مرڪزي عهديدارن سميت ضلعي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ گورنمينٽ ڪانٽريڪٽرن وڏي انگ شرڪت ڪئي ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر دوست علي رند پاران چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو ويو ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن دوست علي رند، انجنيئر اصغر علي ميمڻ، ضلعي صدر محمد ياسين چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٺيڪيدارن جي هر جائز مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون ٺيڪيدار ننڍو يا وڏو هاڻي اهو ڪانسيپٽ ئي نه رهندو اسين سڀ هن تنظيم جي سري هيٺ هڪ آھيون ۽ رهنداسين هنن چيو ته ٺيڪيدارن کي هاڻي متحد رهي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ جدوجهد جاري رکڻي پوندي ۽ ڪم جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي باقي تنظيم کي پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ ڪنهن کي به نه ڏنو ويندو ان موقعي تي ضلعي صدر محمد ياسين چانڊيو جنرل سيڪريٽري رفيق احمد سهتو ، پرويز علي شاهه، بخشل علي مشوري، خالد حسين عباسي، محمد خان ڪورائي، پيار علي تڳر، امجد علي سومرو پنھنجن عهدن جو حلف کنيو جڏهن ته پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري مسرور احمد راڄپر، انفارميشن سيڪريٽري خان اعواڻ ، انجنيئر ممتاز چانڊيو،، غضنفر راڄپر، حبدار مشوري، سيد رکيل شاھ، نوح پنهور، ڪامران تڳر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي
0 تبصرے