ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، ايم پي اي ساجد جوکيو، ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد تڏي تي پهتا
ملير (درياخان شر) ملير جي نالي واري سياسي سماجي اڳواڻ طارق عزیز بلوچ جي والد جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري وارثن سان ملير جي سياسي سماجي اڳواڻن ايم پي اي محمد ساجد جوکيو ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد بلوچ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي ٽائون چيئرمين طارق بلوچ سليمان ميمڻ حاجي ظفر درس ساجد غلام جوکيو مصطفيٰ بلوچ عابد شاھ انصاف بلوچ سليم ميمڻ عبدالحفيظ بلوچ جمال ناصر ۽ ٻين تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي ملير جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن علائقي جي معززين در محمد بلوچ ڳوٺ ۾ وڇايل تڏي تي پھچي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي بخشش مغفرت لاءِ خصوصي دعائون گهريون ڏک جي گهڙي ۾ ملير مختلف علائقن مان ماڻهن جي طرفان اڃان تعزیت جو سلسلو جاري آهي،
0 تبصرے