آنجهاني بابا وانگا جون پيشنگويون

تحرير: سيد غلام مصطفي شاھ

آنجهاني بابا وانگا جون پيشنگويون

ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو اها خدا پاڪ جي ذات کي معلومات آهي پر انسان اشرف المخلوقات هئڻ ڪري مختلف طريقن سان ايندڙ وقت بابت ٻڌائي سگهن ٿا جن کي نجومي چيو وڃي ٿو. علم نجوم ۾ ستارن جو علم، هٿن جي لڪيرن ۽ ڪارڊ ريڊنگ وغيره ذريعي نجومي پنهنجي علم جي آڌار ڳالهيون عوام آڏو رکندا آهن جن ۾ اڪثر ڳالھيون سچ بہ ثابت ٿين ٿيون ۽ اڪثر غلط بہ هوندا آهن. بلغاريا ملڪ سان تعلق رکندڙ نبينا نجومي عورت آنجهاني بابا وانگا پنهنجي اڳڪٿين جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور آهي جيتوڻيڪ سندس وفات ٿي چڪي آهي پر پوءِ بہ سندس ڪيل اڳڪٿين کي پوري دنيا ۾ اهميت ڏني وڃي ٿي. بابا وانگا جي پيدائش 1911ع ۾ ٿي،

سندس پرورش رومانيه ۾ ٿي، جڏهن هن جي عمر 12 سال هئي رومانيہ ۾ شديد مٽيءَ جو طوفان لڳو جنهن ڪري سندس اکين جي روشني آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳي. بابا وانگا جڙي ٻوٽين جي ماهر ۽ روحاني پيشوا پڻ ھئي. سندس جون پيشنگويون 5079ع تائين آهن پوءِ سندس چوڻ آهي ته دنيا ختم ٿي ويندي. بابا وانگا لنڊن ۾ لڳندڙ باھ آمريڪا تي نائين اليون حملا، هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ڪرندڙ ايٽم بم حملن جي پڻ اڳڪٿي ڪئي هئي. سندس 2025ع ۽ ايندڙ وقت ۾ مختلف پيشنگويون هن ريت آهن.

(1) بابا وانگا جي پيشنگوئي آهي تہ شام ملڪ ۾ 2025ع ۾ وڏي تباهي اچي سگهي ٿي ۽ شام ملڪ جي ڪري اوڀر ۽ اولھ وارن ملڪن ۾ جنگ لڳي سگهي ٿي. اها جنگ مارچ يا اپريل 2025ع ۾ لڳي سگهي ٿي جنهنکي ٽين عالمي جنگ جو نالو ڏنو ويندو. بابا وانگا جون ماضيءَ ۾ ڪيتريون ئي اڳڪثيون بلڪل درست ثابت ٿيون جن ۾ نائين اليون حملو، يوڪرين ۾ جنگ، چرنوبل آفت، ليڊي ڊائنا جو موت، سوويت يونين جو ٽٽڻ، سونامي زلزلو شامل آهن.

(2) بابا وانگا جي 2025ع بابت سال بابت اها بہ اڳڪٿي آهي تہ يورپ جو زوال ايندو جنگ لڳندي جنهنڪري يورپ جي آبادي اڌ ختم ٿي ويندي.

(3) سندس ٽين پيشن گوئي اها آهي تہ 2025ع ۾ ڪائنات ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش ايندو جنهنجو ڪير سوچي بہ نٿو سگهي ۽ 2025ع کي بابا وانگا دنيا خاتمي جي طرف وڌڻ جو سال بہ چئي ٿي يعني جنگين لڳڻ ۾ اضافو اچي سگهي ٿو.

(4) بابا وانگا جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ خلائي مخلوق ايندي.

(5) سندس مشهور پيشنگوئي هي بہ آهي تہ 2043ع تائين دنيا تي مسلمانن جي حڪمراني قائم ٿيندي.

(6) بابا وانگا جي هي بہ پيشنگوئي آهي تہ انسان 2028 ع تائين زهرہ سياري تي پهچي ويندو.

(7) سندس چوڻ آهي تہ 2170ع ۾ دنيا ۾ شديد قحط ايندو.

(8) اٺين مشهور پيشنگوئي هي بہ آهي تہ 3005ع ۾ انسان مريخ سياري تي پهچي ويندو ۽ اتي جنگ لڳندي.