ڊپٽي ڪمشنر و چيئرمين ڊسٽرڪٽ ويجيلينس ڪميٽيءَ عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ سندس آفيس ۾ ڪوٺائي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) مزدورن جي سوشل سيڪيورٽي ۽ بانڊيڊ ليبر جي حوالي سان جوڙيل ڊسٽرڪٽ ويجيلينس ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر و چئرمين ڊسٽرڪٽ ويجيلينس ڪميٽيءَ عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ سندس آفيس ۾ ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ جيڪي بہ سرن جا بٺا توڙي انڊسٽريز آھن، انھن کي ليبر کاتو سنڌ ڪمرشل اسٽيبلشمينٽ ايڪٽ 2015ع جي تحت رجسٽرڊ ڪرائي ۽ اتي ڪم ڪندڙ مزدورن جو تعداد پڻ معلوم ڪيو وڃي، ان موقعي تي ھن ليبر کاتي جي ليبر آفيسر کي ھدايت ڪندي چيو تہ عمرڪوٽ ضلعي ۾ موجود سمورن مزدورن جو تعداد معلوم ڪرڻ لاء پنھنجي ٽيم جوڙي انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ۽ انھن مزدورن جا سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن، ھن چيو ته مزدورن جا نادرا کاتي جا ڪارڊ پڻ ٺھرايا وڃن، ان موقعي تي ھن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ماحوليات کاتي کي ھدايت ڪندي چيو تہ سمورن سرن جي بٺن کي زگ زيڪ ٽيڪنالوجي تحت ڪم ڪرڻ لاء پابند بڻايو وڃي، ان موقعي تي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ليبر کاتو ۽ سماجي تنظيم اسپارڪ گڏيل طور تي ھڪ ھفتي اندر سمورن سرن جي بٺن توڙي ٻي انڊسٽري تي ڪم ڪندڙ مزدورن جو تعداد معلوم ڪري رپورٽ پيش ڪندا ۽ انھن سرن جي بٺن جي رجسٽريشن پڻ ڪرائي وڃي، ان موقعي تي سماجي تنظيم اسپارڪ جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر آصف بجير اجلاس کي ٻڌايو ته اسان سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي ٻارڙن جا 260 برٿ سرٽيفڪيٽ، 80 نادرا جا ڪارڊ ٺھرايا آھن، ھن چيو ته تعلقي عمرڪوٽ جي سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن جو تعداد 750 آھي، ھن چيو ته اسان جا 11 نان فارمل اسڪول سينٽر پڻ ھلندڙ آھن، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ويجيلينس ڪميٽيءَ جي ميمبرن چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ماحوليات وڪرم ڪمار، سماجي تنظيم سامي فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر غلام مصطفي کوسو، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندي ممتاز آريسر، سماجي تنظيم اسپارڪ جي اڳواڻن ڪاشف بجير، لجپت مالهي سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے