English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٿرپارڪر جي پسمانده ڳوٺ تڳوسر ۾ سنڌ جي ثقافت جا حسين رنگ نکري پيا
views
|
05th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
اجيم داس فائونڊيشن پاران "ايڪتا" جو ڏهاڙو ملهايو ويو
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر)ٿرپارڪر جي پسمانده ڳوٺ تڳوسر ۾ سنڌ جي ثقافت جا حسين رنگ نکري پيا، اجيم داس فائونڊيشن پاران "ايڪتا" جو ڏهاڙو ملهايو ويو، شاگردن پاران تقريري مقابلا، قومي گيتن تي رقص، ٽيبلا پڻ پيش ڪيا ويا، سنڌ جو نئون نسل تعليم تي ڌيان ڏي : ڊاڪٽر اڀيمن پرمار تفصيل موجب سنڌ جي عظيم تھذيب ۽ ثقافت جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٿرپارڪر جي تاريخي ماڳ تڳوسر ۾ اجيم داس فائونڊيشن پاران "ايڪتا" جو ڏهاڙو ملهايو ويو، ان موقعي تي اجيم داس فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر اڀيمن پرمار پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ جي تھذيب تاريخ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي، چار ويڌ سنڌو درياهه جي ڪناري تي لکيا ويا آهن، تنهنڪري سنڌ جي نوجوان نسل کي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، علم حاصل ڪري ڪاميابيون حاصل ڪرڻ گهرجن، پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏ سنڌي تھذيب سان تعلق رکندڙ هٿ جي هنرن کي پڻ هٿي ڏيڻ گهرجي. تقريب ۾ اجيم داس فري ٽيوشن سينٽر تڳوسر جي شاگردن جتيش ڪمار، ولي محمد، ڀويش ڪمار، سيون ڪمار، وسيم اڪرم، وينتا ٻائي، انشا، روينا ڪماري، ثقافتي لباس پائي قومي گيتن تي رقص ڪيو، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ تقريري مقابلا پڻ ڪرايا ويا، ان موقعي تي سنڌ جي هنري شين ارٽ، جنڊ، ڇڄ، گهرٽي، هر، پاکڙا، اکري، هٿ جي ڀرت جي پڻ نمائش ڪئي وئي، تقريب کي بابو لال ايم اجيماڻي،جيون پرمار، جبار هاليپوٽي، مير محمد واگھيلي، ٻيجل سنڌي، محب ڀيل، راجا گوهر، ڀرت جئپال، راجا درس، سريش ڪمار، ريلو مل، محمد ڄام هاليپوٽي، هريش ڪمار، پرڪاش ڪمار، انيل گاگناڻي، نند لعل، تلوڪچند پرمار، سومار پرمار، وڪيل ڪمار، منٺار پرمار، ونو ڪولهي، هريندر ڪمار، سوهن ساقي، پارو مل، ڀڳت سورتي پڻ سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٿرپارڪر
اجيم داس فائونڊيشن
ايڪتا
سنڌ جي تھذيب تاريخ
0 تبصرے