صاحبزاده فضل اللّٰه نوراني جي عبدالسلام اعواڻ سان گھوٽڪي ۾ ملاقات

سنڌو درياءَ مٿان ٺھندڙ غير قانوني ڪئنالن جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه

صاحبزاده فضل اللّٰه نوراني جي عبدالسلام اعواڻ سان گھوٽڪي ۾ ملاقات

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور کان علامه صاحبزاده فضل اللّٰه نوراني جي مرڪزي صدر انجمن طلباءاسلام پاڪستان جناب عبدالسلام اعواڻ سان گھوٽڪي پھچي ملڪي صورتحال تي ملاقات ڪئي وئي اڳواڻن پاران ملاقات بعد تنظيمي معاملات سان گڏوگڏ سنڌو درياءَ مٿان ٺھندڙ غير قانوني ڪئنالن جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي ايندڙ انجمن طلباءاسلام پاڪستان جي مرڪزي اليڪشن ۽ صوبہ سنڌ جي مختلف اضلاع جو تنظيمي دوري تي غور ويچار ڪيو ويو جنھن کان پوء مرڪزي صدر انجمن طلباء اسلام پاڪستان عبدالسلام اعواڻ جن پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو تہ جلدي سنڌ جو تنظيمي دورو ڪنداسين ۽ پريس ڪانفرنس ذريعي سنڌو درياءَ مٿان ٺھندڙ غير قانوني ڪئنالن خلاف عوامي ۽ طلباء تنظيمن کي احتجاجي ڪال ڏينداسين ء سيمنار گھرائي عوامي اگاھي مھم پڻ ھلائينداسين ھنن چيو ته ڪنھن بہ صورت ۾ نوان ڪئنال قبول نه ڪيا ويندا.