نوشهروفيروز ۾ محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر خالد شيخ پاران کلي ڪچهري منعقد

پينشنرز جون سڀ کان وڌيڪ شڪايتون اڪائونٽنٽ جنرل پاران پينشن تي لاڪ سبب آهن: ريجنل ڊائريڪٽر خالد شيخ

نوشهروفيروز ۾ محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر خالد شيخ پاران کلي ڪچهري منعقد

نوشهرو فيروز (ڊ ر) صوبائي محتسب اعلي محمد سھيل راجپوت ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي هدايتن تي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر خالد شيخ ضلعي اڪائونٽس آفيس نوشهروفيروز ۾ هڪ کليل ڪچھري جي صدارت ڪئي، ان موقعي تي ضلعي اڪائونٽس آفيسر حسن جان چنگيزي، ايڊيشنل اڪائونٽس آفيسر محمد اشرف آرائين ۽ ٻين سرڪاري کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا. کلي ڪچهري دوران ملازمن ۽ پينشنرز پنهنجون شڪايتون داخل ڪرايون، ان موقعي تي ضلعي اڪائونٽس آفيسر جو چوڻ هو ته پينشنرز جون سڀ کان وڌيڪ شڪايتون اڪائونٽنٽ جنرل پاران پينشن تي لاڪ سبب آهن، جڏهن ته نون ملازمن جون آئي ڊيز کولڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن پگهارون ۽ پينشن ۽ ٻيا بل صاف ۽ شفاف طريقي سان جاري آهن، ڪنهن به قسم جي شڪايت جي صورت ۾ سندس آفيس سان رابطو ڪري سگهجي ٿو، ان موقعي تي صوبائي محتسب جي ريجنل ڊائريڪٽر چيو ته هن مھيني ڪل 30 شڪايتون مليون جن مان 20 شڪايتون حل ڪيون ويون جڏهن ته اڄ کلي ڪچهري ۾ 10 شڪايتون مليون جن مان 5 فوري طور حل ڪيون ويون ۽ 5 شڪايتن تي ناڻي کاتي کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. هن ملازمن ۽ پينشنرن کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن کي ضلعي ناڻي آفيس خلاف ڪا به جائز شڪايت آهي ته هو منهنجي آفيس ۾ لکت ۾ شڪايت داخل ڪري.