ملير: ابراهيم حيدري ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي ويا

چئن ڄڻن کي بچائي ورتو، هڪ جو لاش پڻ هٿ، هڪ جي ڳولا جاري

ملير: ابراهيم حيدري ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي ويا

ملير (ڊ ر) ابراهيم حيدري ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا ٻڏي ويا، ريسڪيو عملي چئن ڄڻن کي بچائي ورتو، هڪ جو لاش پڻ هٿ، هڪ جي ڳولا جاري، خبر موجب: ابراهيم حيدري ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي ۾ سوار 6 ڄڻا ٻڏي ويا، اطلاع تي مقامي ٽوٻن پنهنجي مدد پاڻ ٻڏي ويل چئن ڄڻن کي بچائي ورتو، جڏهن ته هڪ ڄڻي جو لاش پڻ هٿ ڪري ورتو، ٻڏي ويل هڪ ڄڻي جي ڳولا جاري آهي، ريسڪيو ڪيلن ۾ حماد، پرويز، وقاص ۽ علي محمد شامل آھن جڏهن ته فوت ٿي ويل جي سڃاڻپ عابد جي نالي سان ٿي، هوڏانهن ٻڏي ويل هڪ ڄڻي سمير جي ڳولا جاري آهي، ان ڏس ۾ ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٻيڙي سوار جو تعلق ڊفينس جي علائقي سان آهي جيڪي ڀنڊار ٻيٽ تي يوسف شاهه درگاهه جي ميلي تي وڃي رهيا هئا جيڪي رستو ڀلجڻ سبب ساڻن حادثو پيش آيو.