مورو ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان پوليس عملدار پريس ڪلب پهتا

ايس ايڇ اوز مورو ۽ درس مجيب الرحمان ناريجو، نادر خاصخيلي ۽ وڏو منشي سيد ارباب علي شاهه صحافين سان ملاقات ڪئي

مورو ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان پوليس عملدار پريس ڪلب پهتا

مورو(رپورٽر) ثقافتي ايڪتا ڏھاڙي جي سلسلي ۾ ايس ايڇ او مورو مجيب الرحمان ناريجو، ايس ايڇ او درس نادر خاصخيلي ۽ وڏو منشي سيد ارباب علي شاھ مورو پريس ڪلب پھتا جتي صدر پريس ڪلب نواب علي اصغر ڪورائي، سينئر نائب صدر محمد بخش عالماڻي، نائب صدر وحيد رزاق مستوئي، جنرل سيڪريٽري محمد سومر سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري منظور علي لغاري، آڊيٽر اڳوڻون صدر جماڻي بخشل احمد، آفيس سيڪريٽري جاني جماڻي، اطلاعات سيڪريٽري حاجي بادل زرداريءَ، سينئر صحافي محمد اسحاق ڪورائي، سابق صدر فقير بشير احمد لغاري، سابق صدر خدا بخش ميمڻ، لطف الله عباسي، دين محمد ڪلهوڙو ان کان علاوه ظفرالحق پنھور، ڪاشف لغاري، محمد صادق زرداريءَ، عارف يوسفزئي، خضر حيات ڪورائي سميت ٻيا موجود ھئا. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صحافين پاران آيل مھمانن کي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا ڏنا ويا ۽ چيو تہ صحافين ھميشھ پاڻ پتوڙيو آھي پوليس اسان جي محافظ آھي ۽ مورو سنڌ جي دل آھي جنھن اندر اسان جي مورو پريس ڪلب آھي ۽ اسان صحافين ڪڏھن بہ غلط ڪم جي سپورٽ ناھي ڪئي اسان پوليس جي سٺي عمل تي لکيو آھي ۽ جيڪڏھن ڪاٿي کوٽ آھي تہ ان کي بہ وائکو رکيو آھي جڏھن تہ ايس ايڇ او مورو مجيب الرحمان ناريجو، ايس ايڇ او نادر خاصخيلي چيو تہ اسان پنھنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان سرانجام ڏئي رھيا آھيون ڊيوٽي دؤران ايس ايس پي نوشھروفيروز سنگھار ملڪ جي ھدايتن تي مختلف ڏوھن ۾ گھربل ڏوھارين خلاف سخت قانوني ڪارروائي جاري آھي منشيات فروشن خلاف پڻ ڪارروايون ھلندڙ آھن غلط ڪمن ۾ جيڪو بہ ملوث ھوندو قانون مطابق ڪٽھڙي ۾ آڻي سزا ڏياري ويندي اسان عوام جا محافظ آھيون ۽ عوام جي جان مال جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو عوام اسان جو ساٿ ڏئي صحافين نشاندھي ڪئي آھي ته اسان بروقت ڪارروائي ڪندا آھيون تہ جيئن ڏوھن تي ڪنٽرول اچي سگھي.