رستم ويجهو ڪارنهن تهمت مڙهي قتل ڪيل ٻن نارين جا ڌار ڌار ڪيس داخل

ناري اياز زال دائم ڪمالاڻي جو قتل ڪيس سندس ڀاءُ امير علي جتوئي ۽ پيءُ قائم الدين جتوئي خلاف داخل ڪيو ويو آھي: پوليس

رستم ويجهو ڪارنهن تهمت مڙهي قتل ڪيل ٻن نارين جا ڌار ڌار ڪيس داخل

رستم (رپورٽر) رستم ويجهو گذريل ڏينهن ڪارنهن تهمت مڙهي قتل ڪيل ٻن نارين واري واقعي جا سرڪار جي مدعيت ۾ ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيو ويو، ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي ۾ گذريل ڏينھن ڳورهاري ناري اياز زال دائم ڪمالاڻي ۽ نواب خاتون کي قتل ڪيو ويو هو، پوليس جو چوڻ هو ته ناري اياز زال دائم ڪمالاڻي جو قتل ڪيس سندس ڀاءُ امير علي جتوئي ۽ پيءُ قائم الدين جتوئي خلاف داخل ڪيو ويو آھي نواب خاتون جو قتل ڪيس سندس مڙس شھزادو ڪمالاڻي ۽ سھري شير ڪمالاڻي خلاف داخل ڪيو ويو آھي ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته ٻنهي نارين کي گامڻ ۽ گوهر ڪمالاڻي سان ڪارنهن تهمت مڙهي قتل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ هو ته واقعي واري هنڌ پهتاسين ته وارث عورتن ٻڌايو ته اياز خاتون ڳورهاري هئي سندس 8 مهينن جو ٻار به مارجي ويو آهي.