شهيد ذوالفقار ڀٽو 1967ع ۾ پ پ جو بنياد وجھي ملڪ جي عوام ۾ سياسي بيداري آندي: راجا رزاق بلوچ

ملير جي چشما ڳوٺ ۾ پ پ جي يوم تاسيس جي حوالي سان تقريب منعقد

شهيد ذوالفقار ڀٽو 1967ع ۾ پ پ جو بنياد وجھي ملڪ جي عوام ۾ سياسي بيداري آندي: راجا رزاق بلوچ

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) سڄي ملڪ جيان ضلعي ملير ۾ بہ پ پ پ يوسي چشمه ڳوٺ جي چيئرمين عمران يوسف زئي پاران 57 هون يوم تاسيس جو ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي منعقد ڪيل يوم تاسيس جي وڏي تقريب ۾ پ پ پ ضلعي ملير جي صدر ۽ ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، انفارميشن سيڪريٽري شاهجان خان، پي ايس 87 جي صدر جان عالم ڄاموٽ، صوبائي وزير ايم پي اي سليم بلوچ، ملير ٽائون چيئرمين جان محمد بلوچ ، مزمل شاهه، فريد بلوچ، سميت وڏي انگ پ پ ملير جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي ملير صدر راجا رزاق بلوچ خطاب ڪندي چيو تہ پ پ جي باني شهيد ذوالفقار ڀٽو 1967ع ۾ پارٽي جو بنياد وجھي ملڪ جي عوام ۾ سياسي بيداري آڻي نه رڳو جمهوريت کي هٿي ڏياري پر اٽي لٽي ۽ اجھي جو نعرو هڻي ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام جي خدمت ڪري ملڪ ۾ خوشحالي آندي ان موقعي تي پارٽي جي 57 هين يوم تاسين جي موقعي تي پڻ ڪيڪ ڪاٽڻ سان گڏ راڳ جي پڻ محفل منعقد ڪئي محفل ۾ فنڪارن پ پ جا گيت ڳائي تقريب ۾ ويٺل جيالن کي جھومائي سڄي پنڊال کي جئي ڀٽو جي نعرن سان گونجائي ڇڏيو جڏهن تہ تقريب ۾ خوشي وچان جيالن پاران آتشبازي پڻ ڪئي وئي.