ٻارڙن تي تشدد وارو واقعو: چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر مهرين سومرو جي ڊي سي ٺٽو سان ملاقات

ٻارن جي تحفظ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي: مهرين سومرو

ٻارڙن تي تشدد وارو واقعو: چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر مهرين سومرو جي ڊي سي ٺٽو سان ملاقات

ٺٽو(شفيق ڀٽي) گورنمينٽ آخوند براديہ اسڪول ۾ استاد پاران سجاد علي واريو کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري واقعي تي ٻارڙن جي تحفظ واري اداري جي ضلعي آفيسر ميڊم مهرين سومرو ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران ميڊم مهرين سومرو ان معاملي کي چائلڊ ايڪٽ جي خلاف ورزي قرار ڏيندي، واقعي جي جاچ ۽ لاڳاپيل ادارن کان تڪڙا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سڀني لاڳاپيل ادارن کي معاملي جي جاچ ۽ متاثر ٻار کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي.ميڊم مهرين سومرو ٺٽي ۾ اهڙن واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ٻارن جي تحفظ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ ادارو پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندو ۽ سماجي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف قدمن تي عمل ڪيو ويندو.