غلام الله جي رھواسي وڏيرو محمد ابراهيم ڪانھ پاران آجياڻي دوران شفقت حُسين شاھ شيرازي کي پٽڪي جو تحفو پيش
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) غلام الله جي رھواسي وڏيرو محمد ابراهيم ڪانھ پاران غلام اللّه ۾ اڳوڻي ضلعي ناظم سيّد شفقت حُسين شاھ شيرازي، صوبائي وزير سيّد رياض حُسين شاھ شيرازي ۽ سابقه ايم پي اي ڊاڪٽر سيّد امتياز حُسين شاھ شيرازي جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ سيّد شفقت حُسين شاھ شيرازي کي پٽڪي جو تحفو پيش ڪرڻ سميت صوبائي وزير سيّد رياض حُسين شاھ شيرازي ۽ سيّد امتياز حُسين شاھ شيرازي، حاجي محمد حنيف ميمڻ ۽ سيّد عرفان شاھ سميت ٻين معزز مهمانن کي لونگيون ۽ اجرڪون پهرائي سندن مانائتو استقبال ڪيو ويو، آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، سيد رياض حسين شاھ شيرازي ۽ سيد امتياز شاھ شيرازي چيو تہ اسان ڪھيا برادري جا ٿورائتا آھيون، جن ھيڏو سارو مان ڏنو اھي، ھنن چيو تہ اسانجي طاقت عوام آھي، جنھن سان اسانجي نينھن جو ناتو آھي، جن سان ھر ڏک سک ۾ ھر وقت گڏ آھيون، ھنن چيو تہ عوام جا مسئلا بنا فرق جي حل ڪيا ويندا، اسان عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف آھيون. آجياڻي تقريب ۾ حاجي شفيع محمد ڪهيو، عشرزڪوات ضلعي ٺٽي جو چيئرمين مولوي حاجي عبدالڪريم شورو، يوسي غلام الله جو چيئرمين بابو عبدالعزيز ناهيو، وڏيرو روشن ناهيو، محمد قاسم ٻروسر، محمد جمن ٻروسر، منير احمد ڪهيو، محمد اسماعيل درس، وڏيرو محمد ناهيو، وڏيرو عمر سانداڻي، الھبخش ڪهيو، جئي پرڪاش، محمد شريف هالو، نعمان خاصخيلي، محمد حسن ڊولو سميت ڪهيا برادري جا وڏي تعداد ۾ معززين موجود هئا.
0 تبصرے