ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ, سيد اياز شاهه شيرازي، ريحانه لغاري ۽ ٻيا شريڪ
سجاول (رپورٽر) سجاول شهر جي ترقي لاءِ ماسٽر پلان بابت نشرياتي سيمينار منعقد ,ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ چيو آهي ته سجاول ٽائون جي ماسٽر پلان تي ڪم ھلندڙ آهي. هن چيو ته ڪنهن به شهر يا علائقي جي ترقي لاءِ ان جو ماسٽر پلان تمام ضروري آهي ٻي صورت ۾ وسيلن جي ضايع ٿيڻ جو خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سجاول جي ترقيءَ لاءِ ماسٽر پلان جي حوالي سان شايان بئنڪوئيٽ ۾ منعقد ڪيل نشرياتي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊويزنل ڪمشنر سنڌ حڪومت جي منصوبہ بندي ۽ ترقي واري کاتي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هن وقت حيدرآباد ڊويزن جي 8 ٽائونز جي ترقي لاءِ ڪم ھلندڙ آهي، جنهن تحت دادو شھر جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي ۽ بدين کي به جلد نوٽيفائي ڪيو ويندو جڏهن ته سجاول ٽئين نمبر تي آهي. هن چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ اهو ممڪن ناهي ته هو هر علائقي جي ترقي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب ۾ آڻي، حڪومت اهڙو ماحول ٺاهي ته جيئن مارڪيٽ وسيع ٿئي ۽ مقامي ترقيءَ جو ماڊل جوڙي سگهجي. هن چيو ته سجاول کي ضلعو بڻجندي 11 سال ٿي ويا آهن پر بدقسمتي سان سجاول ان مقام تي نه پهتو آهي، جنهن تي گڏيل توجه ۽ سيڙپڪاري جي سخت ضرورت آهي. ھُن چيو ڪجهه سيڙپڪاري حڪومت ۽ ڪجهه اسان جي هارين پاران زرعي شعبي ۾ ڪئي پئي وڃي پر تجارتي سيڙپڪاري نہ ھئڻ برابر آهي. هن چيو ته سجاول ماسٽر پلان جي هن سيشن کي ڪارآمد بڻائڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن ۽ شرڪت ڪندڙن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن هن ماسٽر پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڪابينا ڏانهن موڪلي سگهجي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊاڪٽر امتياز ڀٽي ماسٽر پلان پيش ڪندي چيو ته ڪنهن به شهر ۽ علائقي جي مستقبل جي تعمير ۽ ترقي لاءِ جامع پلاننگ ۽ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن سمورين شهري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي جامع رٿابندي ڪئي وڃي، جنهن سان نوان منصوبا شروع ٿي سگهن، زمين جي استعمال ۽ مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا جامع رٿابندي ڪن ۽ ايندڙ نسلن جي ضرورتن ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ماسٽر پلان ۾ هائوسنگ، بنيادي سهولتون، سماجي خدمتون، واٽر سپلاءِ، صحت، ڊرينيج، تعليم، سالڊ ويسٽ، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ روڊ نيٽ ورڪ، معيشت، ماحوليات، آفتن سميت ٻيا شعبا شامل آهن. ان موقعي تي ايم اين اي سيد اياز شاهه شيرازي آدمشماري تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته نئين تڪبندين ۽ سجاول ٽائون ڪميٽي جي قيام کانپوءِ ڀرپاسي وارا علائقہ به شهر ۾ شامل ٿي ويا آهن ۽ هن وقت شهر جي آبادي تقريبن ھڪ لک جي لڳ ڀڳ آهي. هن چيو ته اميد آهي ته ايندڙ ضلعي سطحي جي منصوبي ۾ 15 ڪلوميٽرن جي اندر سمورن ڳوٺن جهڙوڪ چوهڙ جمالي، جاتي، بٺورو، ٻنون، جهوڪ، ٻيلو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن کي روڊ رستا ۽ ٻيون گهربل سھولتون سميت ترقي لاءِ پڻ ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته هتي جي سم نالن جي حالت به انتهائي خراب آهي انهن جي بحاليءَ لاءِ ماسٽر پلان ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هتي جي هارين کي پريشاني کان بچائي سگهجي. ان موقعي تي ايم پي اي ريحانه لغاري چيو ته سجاول شهر لاءِ ماسٽر پلان تي عملدرآمد لاءِ ڪيل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن پر سجاول جي آدمشماري بابت اسان کي سخت تحفظات آهن، ان کان علاوه ماسٽر پلان تحت جن شعبن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي ان کان وڌيڪ اسان کي تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، خاص ڪري ڊرينيج سسٽم جيڪو مڪمل طور تي غير موثر آهي. هن چيو ته 80 بسترن واري اسپتال نا ڪافي آهي ان تي پڻ نظرثاني ڪئي وڃي. سيمينار ۾ سجاول سميت سڄي ضلعي جي تعمير ۽ ترقي ۽ مستقبل جي منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ شرڪت ڪندڙن مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون. سيمينار جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڊويزنل ڪمشنر، ڊي جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ ٻين سڀني شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته سڀئي شرڪت ڪندڙ سجاول جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. سيمينار ۾ چيئرمين ضلع ڪائونسل دانش خان ملڪاڻي، حاجي شوڪت علي خان ملڪاڻي سميت مختلف کاتن جي عملدارن، شھرين، وڪيلن، شھري اتحاد جي اڳواڻن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.
0 تبصرے